ڪنڌڪوٽ ۾ ٻارڙي ارڙي وگهي فوت

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ گوليمار واري علائقي ڳوٺ بهادر چاچڙ ۾ 2 سالا معصوم نينگري آصفه ارڙي وگهي فوت ٿي وئي.معصوم  ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو.نينگري جي والد معشوق چاچڙ جو چوڻ هو ته گهر جا ٻيا ٻارڙا به ارڙي جي مرض ۾ مبتلا ٿيل آهن صحت کاتي جي ٽيم واهر ڪري معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن.جڏهن ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ضلعي انتظاميا نوٽيس نه ورتو ۽ نه ئي صحت کاتي جي ٽيم متاثره علائقي ۾ پهچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.