” ٻوڏ متاثرن جو مال ڪامورا کائي ويا“شهدادڪوٽ ۾ احتجاج

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ ٻوڏ متاثرن شھدادڪوٽ جي مختيارڪار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو جتي مظاھرين "کائي ويا کائي ويا ڪامورا ٻوڏ متاثرن جو مال کائي ويا”جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ ھنيا، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن الله داد خشڪ، آصف مگسي، رميز تونيو، آصف لاشاري، ڪائونسلر ياسين رند ۽ ٻين چيو ته شھدادڪوٽ جو مختيارڪار سھراب شيخ سرڪاري امداد حقي ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ بدران من پسند ۽ سفارش عيوض انهن ماڻهن کي ڏيئي رھيو آهي جن جو ٻوڏ ۾ ڪو نقصان ٿيو ئي نه آهي جنهن ڪري حقيقي متاثر  لپ اٽي جي لاءِ به پريشان آهن  جيڪا ٻوڏ متاثرن سان وڏي ناانصافي آهي، ھنن چيو ته مختيارڪار رڳو بااثر سياستدانن جي موڪليل پرچين تي سندن ماڻهن کي راشن,خيما ۽ ٻيو سامان ڏيئي رھيو آهي باقي بنا سفارش وارا ماڻهو آفيسن ٻاھران ڌڪا کائي تذليل جو نشانو بڻجي رھيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.