هالاڻي ۾ بدامني وڌي وئي، هفتي کان چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل

ھالاڻي )ن ع آ ) ،ھالاڻي ۾ بدامني وڌي وئي ھالاڻي ھڪ ھفتي اندر ڪالوني لنڪ روڊ وٽان ڦورن واحد بخش سولنگي سان ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڪيش موبائل فون فري ڪري باآساني سان فرار ٿي ويا ڳوٺ امام بخش انصاري مان چور ٽراسفارمر چوري ڪري ويا ڳوٺ تڳل رند مان سرڪاري  ٽيوب تي لڳل ٽراسفارمر مان چور لکين رپين جا ڪوائل ڪڍي ويا روھڙي ڪئنال تي لڳل پبلڪ ھيلٿ کاتي جي مٺي پاڻي جي سپلاءِ لاءِ لڳل چور ٽراسفارمر چور چوري ڪري ويا، ڪالھه نيشنل ھاءِ وي روڊ پير مخدوم وٽان نامعلوم ھٿياربندن ايم سي بي بئنڪ ھالاڻي جي آپريشن مينجر ظھير مھيسر کان ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون ھڻي فرار ٿي ويا زخمي کي ھالاڻي اسپتال پھچايو ويو زخمي ھالاڻي بئنڪ مان ڊيوٽي ڪرڻ بعد واپس ڪنڊيارو وڃي رھيو ھو ته ھٿياربندن کائنس ڦر ڪئي ٻئي طرف ھالاڻي جي سياسي سماجي حزب الله چانگ، اڪبر بروھي، لياقت خاصخيلي، قابل خاصخيلي، مولوي مزمل ڪمبوھ ،عمرالدين ٻانڀڻ، محبوب نانگور، اسد خاصخيلي، ڪامريڊ علي گوھر خاصخيلي ،عاشق چانگ ٻين چيو ته ھالاڻي ۾ روز چوريون ڦرون ٿين ٿيون پر ھالاڻي پوليس رڳو منشيات سپلائي ڪندڙ کي پنھنجي نگراني ۾ پيٽرولنگ ڏئي منشيات ٻين شھرن ۾ سپلاءِوارو ڪردار ادا ڪري لکين رپيا منشيات فروش کان وٺي رھي آھي، ھالاڻي ٿاڻي تان مقرر ڪيل سفارش عملو ھٽائي ڪري نئون عملو ڏئي ھالاڻي آس پاس مان چوريون ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو ۽ شھر ان جي آس ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.