حيدرآباد ۾ شفيع ڪرناڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ ڄامشورو پاران شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  24 ڪلاڪن واري شروع ڪيل علامتي بک هڙتال پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. بک هڙتال تي اسلم خيرپوري، نواز ان زنئور، حاجي انور ڪرناڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري بک هڙتال ختم ڪرائي. بک هڙتالي ڪيمپ تي موجود انور بڙدي، سورهيه سنڌي، انس لغاري، نور حسن بليدي، جاڙو بليدي، اعجاز بڙدي ۽ ٻين چيو ته مڪلي باءِ پاس تي جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ شفيع محمد ڪرناڻي کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هنن چيو ته هڪ سازش تحت شفيع محمد ڪرناڻي کي قتل ڪيو ويو هو ۽ قاتلن کي سزا ڏيڻ بجاءِ کين آزاد ڪيو ويو، جنهن جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس هلائي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.