ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپارين جو احتجاج

ميھڙ (ن ع آ) ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ واپارين کان ڦر وارن واقعن خلاف رائيس ملز ايسوسيئشن، واپارين ۽ شھري اتحاد پاران نياز علي ٻرڙو، عبدالستار چنو، فدا حسين چنو، محمد حسن چنا، علي اڪبر، وحيد علي، سيٺ عبدالحفيظ شوڪت ٻٽڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدامني خلاف مظاھرو ڪري انڊس هاءِ وي اٽڪ پمپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ٽائر ساڙي روڊ تي رڪاوٽون رکي انڊس ھاءِ وي بند ڪري ڇڏي، مظاھرو ڪندڙن بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ روڊ بند ٿيڻ سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھي ويون. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته ميھڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي ھڪ ھفتي دوران مختلف واپارين کان اٽڪل 50 لک رپيا ڦر ڪيا ويا آھن، هر ڏينهن چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا لڳن ٿا پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن الزام لڳايو ته پوليس ڏوھارين سان مليل آھي. ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻي امن امان بحال ڪرايو وڃي. ھوڏانھن 4 ڪلاڪ انڊس هاءِ وي بند ھجڻ کان پوءِ ميھڙ جي ٻنھي ٿاڻن جي ايس ايڇ او (اي) سيڪشن ۽ اي ايڇ او (بي) سيڪشن ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ايس ايس پي دادو سان واپارين جو رابطو ڪرايو ۽ ايس ايس پي پاران واپارين کان ٽن ڏينھن جي مھلت وٺڻ ۽ ميھڙ اچي واپارين سان ملي سندن خدشا ختم ڪرڻ، ڏوھارين خلاف ڪارروائي جو يقين ڏيارڻ بعد واپارين جو احتجاج ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.