سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي خلاف حيدرآباد ۾ سنڌ سڀا جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سڀا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سنڌي انعام، نور باگڙي، ڪامريڊ شبير لغاري، ظفر اوٺار ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته زرداري ليگ سنڌ کي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ غير سنڌين کان ملڪيت خريدڻ ۽ ووٽ جو حق واپس ورتو وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾ هر روز ماڻهو کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، جن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. هنن چيو ته پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي هو. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۾ رهندڙ غير سنڌين کان ملڪيت خريدڻ ۽ ووٽ جو حق واپس وٺي کنڀي گم ڪيل سمورا ماڻهو آزاد ڪري سنڌ مان پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.