انتظاميا جي گڏجاڻي، اليڪشن لاءِ 9 رڪني ڪاميٽي قائم

سکر(رپورٽر)سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان ھنڌو پنچائت جي اليڪشن ڪرائڻ واري ڏنل حڪم وارو معامرو، عدالتي حڪم تي انتظاميا جي  گڏجاڻي، اليڪشن لاءِ 9 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي، ڊي سي سکر ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، ڪاميٽي 15 ڏينھن اندر ووٽ جي رجسٽريشن ڪندي، جنھن کان پوءِ پنچائت جي اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. خبر موجب سکر ضلعي انتظاميا جي نگراني ھيٺ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي ھندو پنچائت جي اليڪشن لاءِ ھڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ضلعي انتظاميا جي نمائندن، سکر، روھڙي، پنوعاقل، باگڙجي، ڪنڌرا، صالح پٽ واسي ھندو برادري جي معززن ايشور لال، سيٺ چندر ڀان، جيئرام داس بختياپوري، ھاسانند سچديوَ، نريجن داس، ڊاڪٽر شتروگن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ متفقہ طور تي ضلعي اندر ووٽرز جي رجسٽريشن لاءِ 9 رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي، جنھن ۾ وسند لال، جھامن داس، گنيش عرف موھن لال، امر لال، اشوڪ ڪمار، نريش ڪمار، بسنت لال، ديپڪ راجپال، ٽيڪن داس کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو. سکر ۾ رھندڙ مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ھندو براري جا شھري پنچائت جي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ اھل ھوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.