بدين ۾ لکن جي چوري، پوليس چورن آڏو بيوس بڻيل

بدين (ڊ ر) بدين ۾ چور کوسڪي روڊ تي عزيزالله کوکر جي سيمنٽ ۽ لوهه جي دڪان ۾ داخل ٿي 3 لک رپيا ڪئش موٽر سائيڪل جا ڪاغذ  ٻٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته گذريل ڏينهن ڪڙيو گهنور ٿاڻي جي حد گولاڙچي بدين روڊ تي امام واهه اسٽاپ تي نامعلوم چور امام سينئر صحافي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي جي سينئر نائب صدر ملڪ الياس جي پئٽرول پمپ جي آفيس ۾ داخل ٿي ٽيبل جا خانو توڙي 80 هزار رپيا چوري ڪري ويا ڏينهن ڏٺي جو ٻنهي وارداتن جي رپورٽ پوليس ۾ هئڻ توڙي ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج سندن حوالي ڪرڻ جي باوجود پوليس هن مهل تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جنهن سبب فريادين توڙي شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي آئي ياد رهي ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ماڊل ٿاڻي بدين ۽ سٽي تي گذريل 4 سالن کان هڪ ايس ايڇ او ۽ انچارج مقرر آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.