لکي ۾ هڪ ئي رات 2 چوريون، ڪار سوارن کان ڦر

لکي غلام شاهھ (رپورٽ: نديم جان مهر)لکي غلام شاھه شهر توڙي سکر/شڪارپور روڊ مسافرن لاءِ غيرمحفوظ گذريل رات لکي شهر جي  منگي پاڙي مان بدرالدين منگي جي گهر کي کاٽ هڻي هڪ مينهن ۽ 2 ڳئون ڪاهي ويا جوڻيجا محلا مان چور ڀائي خان ڪلهوڙو جي گهر کي کاٽ هڻي 2 مهينون ڪاهي ويا صبح سان ڀاڳين پيرا کڻي ماڙي لڳ رنگپور ۾ کوسن جي گهرن ۾ وڌا جتي لکي ۽ ماڙي ٿاڻن جي پوليس کي گهرائين چورن تي پريشر وڌو جنهن بعد 2 ڏينهن جي مهلت گهرڻ بعد پوليس ۽ ڀاڳيا واپس ٿيا ته ڪجھ ڪلاڪن بعد هڪ ڳئون ۽ وهڙي واپس موٽي ڀاڳين جي گهر پهتيون جڏهن ته مهين واپس نه موٽي هوڏانهن ڀائي خان ڪلهوڙو جي چوري ٿيل ٻن مينهن جا پيرا اورنگا آباد ڀرسان گهر پنهنجن ۾ وڌا ويا جتان به ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ٻئي طرف سکر/شڪارپور نيشل هاءِ وي ڄامڙن ڀرسان نامعلوم هٿاربندن ڪار سوار کي روڪي روڪ رقم ۽ ٻيون سانا ڦر ڪري فرار ٿي ويا چورن ۽ ڦورن جي آزار سبب علائقي واسي ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو آهي ته لکي ايس ايڇ او عبيدالرحمان جي اڇڻ شرط روڊ ۽ گهر محفوظ نه رهيا آهن جيڪو چورن سان.مليل آهي جنهن فوري طور هٽائي چوري ٿيل مينهون ۽ سامان موٽرائي شهر ۾ گشت مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.