ٻارن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جا ٻالڪ

اڄ سڄي دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي،گڏيل قومن پاران 1954 ۾ 20 نومبر کي ٻارن جي ڏينھن جي حوالي سان مخصوص ڪيو ويو ھو،جنھن جو مقصد حڪمرانن ۽ قانون جوڙيندڙ توڻي قانون تي عمل ڪندڙن کي ٻارن جي حقن جو احساس ڏيارڻ ھو. ان جو مقصد سماج جي ھر طبقي کي پڻ  ٻارن کي صحتمند ۽ صاف سٿري ماحول فراهم ڪرڻ جي اھميت جو جو خيال ڏيارڻ بھ ھو.ڏينهن جي مناسبت سان مختلف ذريعن سان  ٻارن ۾ جتي سندن حقن جي حوالي سان شعور اجاڳر ڪيو ويندو آهي، اتي سماج جي هر فرد کي ٻارن جي اهميت  ۽ حساسيت توڙي سندن پرورش ۽ حقن متعلق  احساس ڏياريو ويندو آهي جيئن ھڪ ٻار جي مثبت پرورش ٿي سگھي ۽ اھو ٻار مستقبل ۾ ھن سماج جي لاءِ ھڪ لاڀائتو ڪردار بڻجي سگھي.

ھر سماج جا پنھنجا بنياد ھوندا آھن،پر جيڪي ڪي اھم ڳالھيون آھي اھي ھر ڪنھن کي ذھن ۾ رکڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ سان ئي ھڪ ٻار سماج ھاڪاري طرح سان اسري ۽ اڀري سگھي ٿو،سڀ کان پھرين ڳالھھ اھا آھي تھ عام طور تي اسان جي سماج ۾ ٻار کي مائٽ پنھنجي پراپرٽي يا ملڪيت سمجھن ٿا اھو ڪنھن بھ طرح سان درست نھ آھي،ڪو بھ ٻار ڄمڻ سان ھڪ آزاد انسان آھي،مائٽ ھن جي سار سنڀال لھڻ،حڪومت ان کي ھڪ ٻار جي  حيثيت ۾ رعايت ڏيڻ،قانون ھن کي سندس حقن جي تحفظ ڏيڻ جو پابند آھي،ان سان ئي ھڪ ٻار اڳتي وڌي ڪري ھڪ بھتر ڳڻن وارو انسان ٿي سگھي ٿو.

ٻارن تي تشدد ڪرڻ،انھن کي نظر انداز ڪرڻ  يا وري ڪنهن غلط صحبت طرف ڌڪڻ جي ڪوشش انتھائي غلط عمل آھن،ان سان ٻار جي مجموعي نفسيات تي منفي اثر پوي ٿو،جنھن ڪري اھو ٻار اڳتي ھلي ڪري سماج جو ھڪ منفي ڪردار بڻجي ٿو  وڃي.ھن وقت سماجي ڀڃ ڊاھ جي ڪري نت نوان مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن پر سموري معاشري تي اھو فرض آھي تھ اھو ھڪ ٻار پنھنجو ئي ٻار تصور ڪري تھ سمورا ٻار پاڻ کي ھن معاشري ۾ محفوظ سمجھڻ لڳندا اھڙي گڏيل سوچ سان ئي ھڪ ھاڪاري ڳڻن ڀريو سماج پڻ جڙندو ۽ ان جو مستقبل پڻ لاڀائتو ٿيندو.جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پڻ ٻارن جي حقن جي تحفظ بابت سنڌ سرڪار جي انتظام ھيٽ ۽ نجي شعبي ۾ اين جي اوز ڪم ڪري رھيو آھن،تڏھن پڻ ڪيترائي اھڙا ڪيس سامھون اچن ٿا جنھن سان سماجي جي مجموعي ڪارڪردگيءَ تي وڏا سوال پيدا ٿين ٿا.ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي تھ ھڪ بھتر انسان ٿيڻ جي لاءِ مثبت عادتون پيدا ڪرڻ گھرجن جيڪي واري ھڪ فرد کي ڪاميابي ڏيارينديون جنھن سان ئي اھو ماڻھون ھڪ بھتر انسان بڻجي سگھي ٿو.

سماج مختلف ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي،ريتن رسمن ۽ ان جي جوڙيل ڍانچي جو نالو ھوندو آھي،ٻار جي پھرين استاد سندس ماءُ ھوندي آھي،انڪري جيڪڏھن اھا پڙھيل ھجي تھ بھ ٻار جي شخصيت جي سنوار ۾ مدد ملي ٿي،ٻار جي ٻي سکڻ جي جاءِ سندس گھر جو ماحول ھوندو آھي،ٽيون سکڻ جو ھنڌ اسڪول ۽ اوڙو  پاڙو ھوندي آھي،ھڪ ٻار اھي سموريون عادتون جيڪي ھو ننڊي ھوندي سکندو آھي ھن سان سموري حياتي وڌنديون ويجھنديوين رھنديون آھن. انڪري ھڪ ٻار جي بنيادي سکيا ۾ ماءُ ،گھر جو ماحول اوڙو پاڙو،اسڪول جا استاد ۽ معاشرو اھم ڪردار ادا ڪندا آھن،جيڪڏھن شروعات ۾ ھڪ ٻار جي بھترن عادتن کي پڪو ڪجي،ان جي شخصيت  سان ڪا زيادت نھ ڪجي،ان کي آزادي ڏجي، ھن سان ضد نھ ڪجي،ھن کي پيار سان سمجائجي، ھن جي حوصلھ افزائي ڪجي ۽ ھن کي اھو احساس ڏيارجي تھ ھو بھ دنيا ۾ ڪجھھ ڪري سگھڻ جي صلاحيت ۽ قابلت رکي ٿو تھ ان جو انتھائي بھتر نتيجو ملي سگھي ٿو.

اسان وٽ عام طور تي مٽن مائٽن پاران بھ ٻار کي گارگند ڪرڻ ۽ ان تي تشدد ڪرڻ جو رواج آھي،مائٽن طرفان چيو ويندو آھي تھ اھو  سندن حق آھي،جڏھن تھ ھن وقت جي رائج قانون موجب مائٽن توڻي استادن کي ھڪ ٻار تي تشدد ڪرڻ يا ان جي ڪنھن بھ ريت تذليل ڪرڻ جو ڪو بھ حق نھ آھي.

اھا بھ ھڪ حقيقت آھي تھ ٻارن جو ھڪ وڏو تعداد اسڪولن ۾ داخل نھ آھي،جيڪي وري پنھنجي خاندان جي ڪفالت جي لاءِ محنت مزوري ڪرڻ تي مجبور آھن يا وري اڄوڪي دور ۾ ڪيترائي مائٽ انھن ٻارن کي اھڙين کٿابن ۾ داخل ڪرائي ٿا ڇڏين جتي انھن کي ماني ملي ٿي،جتي وري انھن ٻارن سان غيرانساني ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو.جنھن ڪري مائٽن،گيرجن،مدرسن،اسڪولن،فئڪٽرين،ھوٽلن يا ڪنھن ڪم سکڻ دوران اتي جي مالڪن پاران ٻار جو ھر طرح جو حق ماريو ويندو آھي،انھن تي تشدد ڪيو ويندو آھي،انھن سان جنسي تشدد بھ ڪيو ويندو آھي،اھڙي ماحول ۾ ڪم ڪندڙ ٻار اڳتي ھلي ڪري سماج جي لاءِ ھڪ ناڪارھ پرزو تي ويندو آھي،جيڪو وري سماجي جي ٻين فردن کان پاڻ سان ٿيل ظلم جو بدلو چڪائيندو آھي.

وھمن ۽ وسوسن واري ماحول ۾ ھڪ ٻار جي پرورش وقت جڏھن ابتدا کان ئي ھن جي ذھن ۾ ايترا سارا منفي ۽ ھن جي قدرتي صلاحيتن کي ختم ڪندڙ خيال،فڪر ۽ سوچون داخل ڪيون وينديون آھن،ان ۾ خوف ۽ وھم جا خيال پيدا ٿيندا آھن.ھو اڳتي ھڪ ھاڪري ڪردار بڻجڻ کان رھجي ويندو آھي.

سنڌ سرڪار جي ٻارن جي لاءِڪم ڪندڙ کاتي توڻي ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظمين پاران جيستائين ٻارن جي حقن جي لاءِ عملي طور تي قدم نٿا کنيا وڃن تيستائين ان جو ڪو بھ نتيجو نھ نڪري سگھندو.

اھو ضرور ھوندو تھ ٻارن بابت بھترين قانون جوڙيل ھوندا پر ھن وقت سوال وري بھ انھن تي عمل ٿيڻ جو اچي ٿو، سڀ ادارا گڏجي گھٽ ۾ گھٽ ڪنھن ٻار سان ڪنھن مائٽ،ماستر يا کٿابي استاد پاران ٿيندڙ جسماني توڻي جنسي تشدد روڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.