هڪ ٻار جون دلچسپ ۽ حاضر دماغي واريون ڳالهيون

تحرير: زيد پيرزادو

منھنجو نون سالن جو پٽ خيال، مونکي اڪثر حيران ڪري ڇڏيندو آهي. ھن جون دلچسپ ڳالھيون کل ۾ ويڙھي ڇڏينديون آهن. مان خيال مان ڪيتريون ئي شيون سکيون به آھن. ٻارن کي سمجھڻ لاءِ  ٻارن جي ذھن سان شين کي ڏسڻو پوي ٿو. خيال جي ڪمپني مون لاءِ  بھترين تفريح ھوندي آھي.

 خيال جون مزيدار ڳالهيون

* مان خيال جي ٽيسٽ ڪرائڻ پيو وڃان ته ٻڌايو مانس ته جيڪا ڇوڪري ٽيسٽ ڪندي اھا منھنجي اسٽوڊينٽ آھي ته چيائين تون باقي ڪھڙو ٽيچر آھين جو تنھنجي اسٽوڊينٽ کي ٽيسٽ ڪرڻ اچي ٿي باقي توکي نه ٿي اچي �

*گهر اندر  هڪ جاءِ تي ٻليءَ ٻچا ڪيا . اتان گذرئون پيا ته ٻليءَ غر غر پئي ڪري. مان خيال کان پڇو ته ٻلي ايئن ڇو ٿي ڪري ته چلولو ٿي چيائين.” ماں کی محبت کو نهیں جانتے “

* هڪ رات خيال پڇيو ھڪڙي پھيلي پڇائن؟ پر ان جو جواب مونکي به نه ٿو اچي😄

* خيال وھنجڻ پيو وڃي. وڃڻ مھل چيائين دعائن ۾ ياد رکجو �* خيال کي به ڪنھن شيءِ لاءِ  چوندا آھيون ته پئسا نه آھن ته. چوندو آھي نه تو وٽ پيا آهن مان ڏٺا ھيا

* خيال واٽس اپ تي ميسيج اچڻ تي خوش ٿيندو آهي. چوي ٿو مون ڏي يارنھن ميسيج آيا آھن

* اسان جو ڀائيٽو چندن مذاق ۾ خيال کي اردو ۾ سڏيندي چويس ٿو ته بھائي ادھر تو آئو. ته خيال وراڻي ٿو ڏيس ته سنڌي ۾ چوندين پوءِ  ايندم

* هڪ گهرڀاتيءَ  چيس اچ مون سان تصوير ته ڪڍاءِ ته چيائينس ته فائدو نه اٿئي. شڪل اھڙي ٺاھيندم جو  گروپ تي نه رکي سگھنديئن.

* مونکي چيائين مونکي ”لڪي ون“ وڃڻو آهي. مان پڇيومانس اتي ڇا آهي؟ چيائين الاءِ  !

* ماني کان وڌيڪ فروٽ جو شوقين هوندو آ، چوندو آهي مونکي انار جي بک لڳي آهي يا مونکي گدري جي بک لڳي آهي

* مونکي چيائين رانديڪو وٺي ڏي. مان پڇيو مانس ڪھڙو ته چيائين ڪھڙو به ڏئي ٿو سگھين

* مان خيال کي چيو اڳي پين نه ھوندي ھئي ڪبوترن جي پرن سان لکندا ھيا. چيائين پوءِ  ڪبوتر ڪيئن لکندا ھيا ؟!

* مان چيو مانس اڳي ڪارون نه ھونديون ھيون ته چيائين ڇو سڀ غريب ھوندا ھيا ڇا!

�* مان معمول موجب آفيس مان اچي ننڊ ڪندو آھيان ته  خيال اچي ننڊ مان اٿاريندو آھي. مان چوندو آهيانس ته مونکي نه اٿاريندو ڪر صبح ۹ بجي اٿندو آھيان. چيائين مان وري رات جو ۱۰ بجي سمھندو آھيان پوءِ  ته ٿورو ٽائيم بچندو نه

* ھڪ ڀيرو چيائين اسان ته ڏاڍا مزا ڪيا آهن. توھان به جڏھن ننڍا ٿيو ته مزا ڪجو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.