تاريخ لکڻ جي شروعات ڪڏھن کان ٿي؟

تحرير: سنڌيڪار: طفيل مگسي

جڏھن تاريخ جي جوڙجڪ جو اهو مواد موجود نه هجي ته قومون پنهنجي تخيل جي مدد سان ديومالائي حالتن ۽ حادثن کان پنهنجي تاريخ ٺاھي وٺن ٿيون.خاص طور کان حڪمران خاندان ۽ اميرن جي لاءِ  تاريخ ضروري هوندي آھي.ڇاڪاڻ ته اهي ان جي مدد سان پنهنجي سماجي رتبي ۽ سهوليتن کي قائم رکڻ جا سبب ڏين ٿا.

جيڪڏھن ڪا قوم زوال پذير ٿي ڪري پنهنجيون تخليقي صلاحيتون وڃائي ڇڏي ٿي ته ان صورت ۾ اهي ماضي ۾   هيرو کي تلاش ڪري ان تقدس جو درجو ڏئي ڪري ان جي نالي سان پنهنجا مفاد پورا ڪن ٿا.جيستائين عام ماڻھن جو تعلق آھي ته نه ته تاريخ انهن کي پنهنجي دائري ۾ آڻي ٿي۽ نه ئي انهن ۾ پنهنجي تاريخي سڃاڻپ جو احساس هوندو آھي.ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ انهن جي لاءِ  ڪا فائدي مند شيِءَِ  ناهي هوندي ۽ نه ئي ماضي انهن جي حال  کي بهتر بڻائي ٿو.

برطانوي تاريخدان هربرٽ بٽر فيلڊ پنهنجي ڪتاب اورينج آف هسٽري ۾ مختلف قومن جي ڪلچر ۾ تاريخ جي بنيادن کي تلاش ڪيو آھي.مثلا سندس دليل جي مطابق يهودين ۾ سڀ کان اڳ تاريخي شعور  پيدا ٿيو.جنهن جو سبب اهو هو ته يهودي قبيلا وکريل هئا.انهن ۾ ڪو اتحاد نه هو.ان ڪري جڏھن هنن يروشلم ۾ پنهنجو سيناگوگ تعمير ڪيو ۽ رياست جو بنياد وڌو ته انهن کي اهو احساس ٿيو ته پنهنجي تاريخ جي جوڙجڪ ڪئي وڃي ته جيئن اهي تاريخي شعور سان گڏ پنهنجيوجود کي باقي رکي سگهن.

يهودين ۾ تاريخ لکڻ جي شروعات.

جڏھن 597ق.م ۾َبابل جي بادشاه بخت نصر يروشلم تي حملو ڪري انهن جي عبادتگاهن کي تباه ڪيو ۽ يهودي اڳواڻ کي قيد ڪري بابل وٺي آيو. ته انهن جي تاريخ هڪ هنڌ بيهي رهي.بعد ۾ ايراني شھنشاه بابل جي فتح کانپوءِ  يهودين کي قيد کان ڇڏايو۽ يروشلم جو سيناگوگ ٻيهر کان تعمير ڪري ورتو.ان کانپوءِ  يهودين عهدنامي عتيق ۾ پنهنجي تاريخ لکڻ شروع ڪئي.پر سياسي حالتن يهودي رياست کي باقي نه رهڻ ڏنو۽ ان تي رومي حملو ڪري انهن جي عبادتگاهن کي هڪ ڀيرو وري تباهه ڪري ڇڏيو.۽ انهن کي يروشلم کان جلاوطن ڪري ڇڏيو.انهن سياسي حادثن جو يهودي قوم.جي ذھن تي ڳوڙھو اثر پيو.پنهنجي ان الميي کي هنن خدا جي ناراضگي قرار ڏنو.جيتوڻيڪ هنن پنهنجي تاريخ ته لکي. پر ڇاڪاڻ ته ماضي انهن کي اذيت ۽ عذاب کانسواءِ   ڪجهه  به نه ڏنو هو.ان لاءِ  تاريخ کان سندن دلچسپي ختم ٿي وئي.

خدا جي راضپي جي لاءِ  جنهن پاليسي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو اها هيءَ هئي ته پنهنجي مذھبي عقيدي تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي.۽ ٻين قومن سان پنهنجي ميل ميلاپ کي ختم ڪيو وڃي ان لاءِ  جڏھن يهودين پاڻ کي خدا جي پسنديده قوم سڏين ٿا.ان جو مطلب اهو هيو ته ٻين قومن جي   ڪلچر يا رواج کان پاڻ کي خراب نه ڪيو وڃي.ان ذھنيت جي سبب کان يهودين جي تاريخ هڪ هنڌ ماٺي ٿي ڪري رهجي وئي.

يوناني تاريخ جي شروعات.

ان کانپوءِ  بٽر فيلڊ يونان جي تاريخ نويسن تي روشني وڌي آھي.پر تاريخ جي ارتقا يونان جي    شھري رياستن جي بجاءِ ايونا کان ٿي.جيڪا هڪ يوناني ڪالوني هئي.مگر اهو ايران جي سياسي تسلط ۾ ھو.هن جي سائندانن دنيا جي پئدائش جي باري ۾ اهي دليل ڏنا ته اها پاڻي.باهه ۽ مٽيءَ  سان  آھي.ان جي هڪ فلسفي هيراڪليش چيو هو ته ماڻھو هڪ ئي درياهه ۾ ٻيهر پير نٿو رکي سگهي.ان جو مطلب اهو هو ته ڪا شيءَ  آفاقي يا ابدي ناهي بلڪ چرپر ڪندڙ آھي.۽ برابر چرپر ۾ رهي ڪري ۽ تبديل ٿيندي رهي ٿي.ان نظريي تاريخ تي ڳوڙھو اثر وڌو .

يونان جي شروعاتي تاريخ شاعري ۾ آھي.جڏھن هيروڊوڊس پنهنجي تاريخ لکي ته هو ايران ۽ مصر وڃي اتان جي حالتن جو مشاهدو ڪيائين ..پوءِ  خاص طور کان ايران ۽ يونان جي وچ ۾ جنگ کي تفصيل سان لکيو.ايٿنز ۾ ان وقت اهو شعور هو ته مورخ پنهنجي تاريخ جا ٽڪرا عوامي جلسن ۾ پڙھي ڪري ٻڌائيندو هو.ان کان ايٿنز جي ماڻھن جي تاريخ سان دلچسپي ٿيندي هئي.ٻيو مورخ ٿيوسو ڊزيز هو. جنهن پيل پوٽينشن جنگ تي ڪتاب لکيو آھي.هن جي تاريخ کان هڪ ڳالھه  ضرور چٽي ٿي ڪري اچي ٿي ته يونان جا ماڻھو جنگ ۾ مرڻ وارن فوجين جي بي انتها عزت ڪندا هئا. ايٿنز جي معاشري ۾ تاريخي شعور جو احساس اسان کي سندس ڊرامن ۾ پڻ ملي ٿو.اهوئي ئي اهڙو احساس هو ته جنهن جي بنياد تي هن ايران سان جنگ وڙھي ڪريان کي شڪستون ڏنيون..

چين ۾ تاريخ جي شروعات.

بٽر فيلڊ تاريخ جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ چين کي تمام گهڻي اهميت ڏني آھي.ٻين قومن جي مقابلي ۾ چيني اڪيلائي ۾ رهيا.۽ انهيءَ  اڪيلائي ۾ چين پنهنجو ڪلچر ۽ روايتون پيدا ڪيون.ليڪن شروعات کان ئي انهن جي معاشري ۾ تاريخي شعور جو ڳوڙھو احساس هو.مثلا انهن جي پهرين تاريخ شيا سلطنت جي دور ۾ ھڏن تي لکيل هئي.    مستقبل جي حالتن کي ڄاڻڻ جي لاءِ  هيون.ان کانپوءِ سناگ خاندان اقتدار ۾ آيو ته هن لکڻي کي بهتر بڻايو. جيڪي خاندان جي زماني جا تاريخي دستاويز آھن.اهو دور فلسفين جو زمانو سڏبو هو.فلسفي حڪمرانن جي درٻار ۾ وڃي ڪري انهن جي رهنمائي ڪندا هئا.يعني مورخ به بادشاھن کي تبديل ڪندا هئا.

221 ق.م ۾ چن خاندان اقتدار ۾ آيو ته هن سموري چين کي گڏ ڪري ننڍين ننڍين رياستن جو خاتمو ڪيو .گڏ ئي هن اهو حڪم فرمايو شڪست کاڌل رياستن جا سمورا ڪتاب ساڙيا وڃن.خاص طور تي تاريخ جا ڪتاب ته جيئن ماڻھن جي وفاداري چن خاندان سان رهي.ڇوته ان وقت ڪتاب بوس جي تيلين جي شيٽ تي لکيون وينديون هيون.ان ڪري انهن جي ذخيري کي لڪائي نٿو سگهجي.ڪتابن جي ساڙڻڻ جي سبب کان چين جي تاريخ وڃائجي وئي.صورتحال ان وقت تبديل ٿي جڏھن چين ۾ دوهان خاندان جي حڪومت آئي ته ان دور ۾ لکڻي به بهتر ٿي ۽ لکڻ جي لاءِ  برش به ايجاد ٿيا.

چين جي گم.ٿيل تاريخ جي دريافت ڪرڻ جي لاءِ  مورخن جي جدوجهد شروع ٿي.جن هن زباني تاريخ جي وسيلي چين جي رسمن.روايتن ۽ ڏڻن تي لکڻ شروع ڪيو.دوهان خاندان جو مشھور تاريخدان سماچين هو.جنهن سموري ملڪ جو دورو ڪندي تاريخي مواد گڏ ڪري چاليهن چاليهن جلدن ۾ تاريخ لکي.چين جي تاريخ نويسي جو هڪ اهم سبب اهو هو ته هن جي مورخن سڀ کان اڳ تاريخي دستاويزن جو تنقيدي جائزو ورتو ۽ ان تي بحث ڪيو ته ان جي روشني ۾ واقعا ڪنهن حد تائين درست آھن.چين جي حڪمرانن به تاريخ ۾ دلچسپي ورتي ۽ پنهنجي درٻار ۾ مورخن کي اعلي عهدا ڏئي ڇڏيا .ڇوته انهن جي خواهش هئي ته انهن جي حڪومتي دور ۽ انهن جا ڪارناما تاريخ جي وسيلي زنده رهن.ان لحاظ کان چين ۾ تاريخ لکڻ جا مضبوط بنياد رکيا ويا جن انهن جي ڪلچر ۽ تهذيب کي محفوظ رکيو.

تاريخ تي مسيحي مذھب جا اثر.

بٽر فيلڊ تاريخ نويسي تي مسيحي مذھب جي اثرن جو تجزيو ڪيو آھي.يهوديت جي ڀيٽ ۾ مسيحيت تاريخ جي عمل کي منفي انداز ۾ ڏٺو آھي.يهوديت تاريخ جو سهارو وٺي ڪري پنهنجي سڃاڻپ کي مضبوط ڪيو. پر مسيحي عقيدي جي تحت هن مادي دنيا ۾ تاريخ کي ٺاھڻ ۾ پنهنجي توانائي کي وڃائڻ نه گهرجي.پر ڇوته هن دنيا ۾ سياسي ۽ سماجي تبديليون اينديون رهيون.فطري آفتون به انسان جي زندگي تي اثر وڌا.ان ڪري انهن واقعن ۽ حادثن کي سمجهڻ به ضروري هو.سينٽ آگسٽين معاشري جي ٽڪرائن نيڪي ۽ بدي جي وچ ۾ ٽڪراء ۽ تهذيبن جو عروج وزوال انهن جي باري ۾ وضاحت ڪندي چيو آھي ته جيڪي ڪجهه  هن دنيا ۾ ٿي رهيو آھي اهو سڀ خدا جي منصوبن جي تحت آھي.ان لاءِ  اها چسهي رومي سلطنت هجي يا بدعنواني جي اجاره دار هجي.اهو سڀ ڪجهه  خدا جي منصوبن جي تحت ٿيئي ٿو.

يهوديت.مسيحت ۽ اسلام.۾ دنيا جي باري ۾ اهو عقيدو آھي ته ان جي ابتدا به آھي ۽ انتها به.ان ڪري ابتدا ۽ انتها جي وچ ۾ تاريخ جو جيڪو سفر آھي.اهو انسان جي فهم.کان مٿاهون آھي.وچين دور ۾ جڏھن معاشري تي چرچ جو تسلط ٿيو ته انسان جي سموري زندگي ان جي دائري ۾ پابندين جو شڪار ٿي وئي.فطري آفتون هجن.جنگيون هجن يا قتل وغارتگيري هجي.انهن سڀني کي خدا جو قهر قرار ڏئي ڪري انهن جي سببن کي تلاش نه ڪيو ويو ۽ فرد سمورين اذيتن کي ان ڪري برداشت ڪيو ته اهي خدا جي طفف کان آھن.۽ ھنن جي گناهن جو نتيجو آھن.چرچ جي ان عقيدي جي سبب کان معاشري ۾ تحقيق ۽ جستجو جا جذبا ختم ٿي ويا   ماٺي ٿي ڪري رهجي وئي.جنهن ۾ ان وقت تبديلي آئي جڏھن اٽلي ۾ نشاط ثانيا جي سيڪيولرز ان نقط نظر کي تبديل ڪيو ۽ تاريخ کي مذھب جي پابندين کان آزاد ڪيو.ان ۾ ٻه اهم.شيون هيون.هڪ اها ته يورپي سيڪيولرز پراڻن ۽ قديم.دستاويزن کي جيڪي مذھبي درگاهن جي لائبررين ۾ ھئا.انهن کي هٿ ڪيو.جنهن ۾ يونان ۽ رومي دور جي فلسفي ۽ تاريخ جا دستاويز هئا.جيڪي درگاهه جي مجاورن چمڙي جي صفحن تي لکي ڪري محفوظ ڪري ڇڏيا هئا.انهن دستاويزن کي پڙھڻ جي لاءِ  سمهجڻ جي لاءِ  ضروري هو ته علم.لسانيات تي سبقت حاصل ڪئي وڃي.ان علم جا ماهر اهو اندازو هڻي وٺندا هئا ته دستاويزن جي لکڻي ڪنهن دور جي آھي۽ جيڪڏھن بعد ۾ واڌارو ڇو ٿيو آھي. ته اهو ان ۾ استعمال ٿيڻ وارن لفظن جي مدد سان اندازو هڻي وٺن ٿا ته اهو واڌارو ڪهڙي دور ۾ ٿيو.

ڇا هاڻي تاريخ لکڻ جي ضرورت آھي.؟

نيوٽن جي سائنسي انقلاب ۽ ڊارون جي ارتقا واري نظريي تاريخ نويسي کي بدلائي ڇڏيو.هاڻي چاهي قومن ۽ تهذيبن جو اهو عروج وزوال هجي.فطري آفتون ۽ بيماريون هجن.انهن سڀني جو تجزيو عقلي بنيادن تي ٿيڻ لڳو.ان مرحلي تي تاريخ معاشري ۾  اڳواڻي جو ڪارڻ بڻجي وئي.۽ انهن فردن تي اها ڳالھه  به روشن ٿي ته تاريخ جي مدد سان مسئلن کي سمجهي به سگهجي ٿو ۽ انهن کي حل به ڪري سگهجي ٿو.

موجوده دور ۾ تاريخ جو دائرو وڌيڪ ڪشادو ٿيو آھي.هينئر ان ۾ سياست، معيشت ، تهذيب ۽ ثقافتي سببن سان گڏوگڏ انساني جذبن جي تاريخ به شامل ٿي وئي آھي.موجوده دور ۾ اها ڪوشش به ٿي رهي آھي ته تاريخ جي علم کي يا گهٽايو وڃي يا ان کي ناڪاره بڻايو وڃي.ان سلسلي ۾ اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ان تيزي سان ترقي ڪري رهي آھي ته هڪ وقت اهڙو ايندو ته جڏھن انسان جي ضرورت ئي نه رهندي۽ ٽيڪنالوجي سندس جي جڳهه والاري ڇڏيندي.هينئر تائين جيتري ٽيڪنالوجي ۾ ترقي ٿي آھي.اها انسان جي ذھنيت کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪاره رهي آھي.انساني ذھن پنهنجي پنهنجي تخليق جو مقابلو ڪري سگهي ٿو.جنهن جي مدد سندس تاريخي شعور ڪندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.