سڄي دنيا جي مردن ۾ ”قوت“ جي کوٽ، انساني نسل کي خطرو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ تجزيي ۽ تحقيق ۾ پتو لڳايو ويو آهي ته يورپ ۽ آمريڪي ماڻهن کانپوءِ هاڻي ايشيائي ۽ آفريقي مردن جي به ٻار پيدا ڪرڻ واري صلاحيت (مرداڻي قوت)  گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ گهٽجي وئي آهي جيڪڏهن اهو سلسلو برقرار رهيو ته مستقبل ۾ پيدائش جي شرح گهٽجي ويندي.

آڪسفورڊ اڪيڊمي جي طبي جرنل ’هيومن ري پروڊڪشن اپڊيٽ‘ ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب آمريڪا، اسرائيل، برازيل، اسپين ۽ ڊينمارڪ سميت ٻين ملڪن جي ماهرن مردن جي ”اسپرم ڪائونٽ“ بابت ڊيٽا جو جائزو ورتو.

ماهرن دنيا جي 53 ملڪن مان مردن جي ”اسپرم ڪائونٽ“ ۽ ”اسپرم ڪنسنٽريشن“ جي ڊيٽا جو جائزو ورتو.

ماهرن پهريون ڀيرو ايشيائي، لاطيني آمريڪي ۽ آفريڪي ملڪن جي ڊيٽا جو به جائزو ورتو ۽ اڳ ۾ ئي هلندڙ تحقيق ۾ وڌيڪ سالن جي ڊيٽا شامل ڪئي.

اڳ ئي جاري تحقيق ۾ ماهرن 1990ع کان 2000ع تائين جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته ماهرن 2011ع کان 2018ع تائين جي ڊيٽا کي به تحقيق جو حصو بڻايو ۽ گذريل 7 سالن جي ڊيٽا کي آفريڪا ۽ ايشيا  جي ملڪن مان ورتو ويو.

مطالعي مان پتو پيو ته هڪ ڏهاڪي کان به گهٽ عرصي ۾ سڄي دنيا ۾ مردن جي ”سپرم ڪائونٽ“ جي انگ ۾ اڍائي سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته گذريل ڏهاڪي ۾ ٻه سيڪڙو کان به گهٽ هئي.

جائزي ۾ پتو لڳايو ويو ته گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ مردن جي اسپرم ڳڻپ ۽ ڪنسنٽريشن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي ۽ اها گهٽتائي اڍائي سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ جيڪڏهن اها شرح برقرار رهي ته مستقبل ۾ جوڙن کي اولاد پيدا ڪرڻ ۾ ڏکيائيون اينديون جنهن سان انساني نسل کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو چوڻ ته اڳڀرائي آهي ته ڇا اسپرم جي ڳڻپ ۾ گهٽتائي مردن جي ”صحت“ تي اثر انداز ٿئي ٿي، مطلب ته اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڇا مردن جي پيءُ بڻجڻ جي صلاحيت به گهٽجي ٿي.

بهرحال، جائزي ۾ معلوم ٿيو ته نه رڳو سپرم جي ڳڻپ پر سپرم جي مقدار ۾ گهٽتائي پڻ مردن جي صلاحيت کي متاثر ڪيو آهي ۽ لاڳيتو ان ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.

تحقيق ۾ مردن جي ”خاص صحت“ متاثر ٿيڻ جا سبب سامهون نه آيا پر اهو ممڪن آهي ته ڪجهه جينياتي بيماريون، جن ۾ ماحولياتي تبديلي، طرز زندگي، غيرصحتمند غذا، ضرورت کان وڌيڪ ڪيميڪلز جي استعمال جي ڪري اسپرم متاثر ٿئي ٿي.

ماهرن مردن جي اسپرم ڪائونٽ جي انگ ۾ کوٽ جو هڪ امڪاني سبب عورتن جي ناقص ”توليدي“ صحت به ٻڌايو.

سائنسدانن سڄي دنيا جي ماهرن کي تجويز ڏني ته مردن جي اسپرم ڪائونٽ ۽ ڪنسنٽريشن کي وڌائڻ لاءِ فوري اپاءَ ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ معاملو ان ڪنڌي تي پهچي سگهي ٿو جنهن تي ضابطو آڻڻ ڏکيو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.