فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو عورتون ريفري طور فرض انجام ڏينديون

 

دوحا (ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو عورتون ريفري طور ميچون سپروائيز ڪنديون.

قطر ۾ شروع ٿيندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ ڪيترن ئي لحاظن سان منفرد آهن، هڪ ٻي منفرد ڳالهه اها آهي ته ايونٽ جي ميچن ۾ پهريون ڀيرو ٽي عورتون ريفري طور ميچون سپروائيز ڪنديون.

ايونٽ جون ميچون سپروائيز ڪندڙ روانڊا جي ريفري سليمه جو چوڻ آهي ته هوءَ فٽبال ورلڊ ڪپ جو حصو بڻجڻ تي خوش آهي ۽ کيس صنف جي بنياد تي ايونٽ جو حصو نه بڻايو ويو پر هوءَ ان موقعي جي حقدار هئي.

واضح رهي ته فٽبال ورلڊ ڪپ آچر کان قطر ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.