آرمي چيف جي مقرري واري سمري پهتل، سرگرميون تيز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جي مقرري واري سمري وزيراعظم شهباز شريف وٽ پهچي وئي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو اسحاق ڊار ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجن باوجود شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

سمري پهچڻ باوجود مڪمل خاموشي ڇانيل آهي جڏهن ته حڪومتي اهلڪار تصديق به نه پيا ڪن.

ذريعن موجب آرمي چيف جو نالو سڀاڻي ٻئي ڏينهن سامهون اچي سگهي ٿو.

اسحاق ڊار صدر کي چيو آهي ته سمري ملي وئي آهي، هي جنرل آهن، جيڪڏهن توهان ان ۾ ڪا گڙ ٻڙ ڪئي ته اوهان ڄاڻيو ۽ فوج ڄاڻي.

جنهن تي عارف علوي تعاون جو يقين ڏياريو، سڀ کان وڌيڪ سينيئر جنرل کي ئي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سينيئر ترين جنرل عاصم منير آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.