پاڪستان ۾ 17 پاڻي جي برانڊز جو پاڻي نقصانڪار ۽ گدلو نڪتو !

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز (پي سي آر ڊبليو آر) 17 برانڊز جو پاڻي نقصانڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

موجب پي سي آر ڊبليو آر جي پنهنجي بوتل بند پاڻي جي ٽه ماهي معيار جي نگراني واري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهن برانڊز جو پاڻي مائڪرو بايولوجيڪل يا ڪيميڪل يا ٻنهي حوالن سان گدلو آهي.

رپورٽ موجب جن برانڊز جو پاڻي گدلو مليو، انهن ۾ عدناني پريميئم ڊريڪنگ واٽر، انڊس، بيرس، بيسٽ نيچرل، فارس، نيسٽ پيور لائيو، وولوو، ايلٽسن، ڌوم، پيور هينڊسم واٽر، ايڪوا ون ۽ پيور لائف شامل آهن .

ياد رهي ته پي سي آر ڊبليو آر هن ٽه ماهي رپورٽ لاءِ 20 شهرن مان مختلف برانڊز جا 165 پاڻي جا نمونا گڏ ڪيا ۽ ٽيسٽون ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.