ريگنگ جي نالي تي بي حيائي، شرمناڪ حرڪت، انتظاميا جو نوٽيس

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اوڊيشه جي هڪ ڪاليج ۾ نئين شاگرد کي ريگنگ دوران هڪ نابالغ ڇوڪريءَ کي چُمي ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو.

واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻن نابالغن سميت 5 شاگردن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ سميت ڪيترن ئي الزامن تحت حراست ۾ ورتو ويو آهي.

گنجام ضلعي جي ان ڪاليج ۾ پيش آيل واقعي ۾ ملوث 12 شاگردن کي ڪڍيو ويو آهي.

هن مهيني جي منڍ ۾ حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ نئين شاگرد کي جسماني طور بدسلوڪي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ اهو تازو واقعو آهي، جنهن سوشل ميڊيا تي باهه ٻاري ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب فرسٽ ايئر جي شاگرد گذريل مهيني گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي، کيس هڪ گرائونڊ ۾ سينيئر ڇوڪرن هڪ نابالغ ڇوڪريءَ کي چُمي ڏيڻ تي مجبور ڪيو، هٿ ۾ ڏنڊو کڻي بيٺل ڇوڪرو نئين شاگرد کي چماٽ به هڻي ٿو ۽ بحث به ٿئي ٿو.

ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته ٻين ڇوڪرين جي سامهون اهو واقعو پيش آيو ۽ اهي جنسي طور هراساني خلاف احتجاج ڪرڻ بدران کلندي نظر آيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.