پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جلسن جلوسن ۾ شرڪت تي پابندي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جلسن جلوسن ۾ شرڪت تي پابندي لڳائي وئي آهي.

آءِ جي پنجاب ان حوالي سان سي سي پي او لاهور سميت سڄي صوبي جي آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪو پوليس آفيسر يا اهلڪار جلسي جلوسن جو حصو نه بڻجندو، حڪمن جي ڀڃڪڙي تي سخت ايڪشن ٿيندو، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سياسي جلسن ۾ ڊيوٽي دوران وردي جو تقدس قائم رکن.

خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪو پوليس آفيسر يا اهلڪار جلسن جلوسن ۾ نعريبازي نه ڪندو، پوليس جون گاڏيون به ساسي جلسن جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ استعمال نه ٿينديون، پوليس جون گاڏيون رڳو سيڪيورٽي لاءِ استعمال ٿينديون.

خط ۾ چيو ويو آهي ته وردي ۾ تصويرون ڪڍڻ ۽ سوشل ميڊيا تي عوامي خيالن لاءِ پوسٽ ڪرڻ تي پابندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.