سول اسپتال ميرپورخاص جي نئين عمارت تيار، عوام کي ڪهڙيون سهولتون ملنديون؟

 

سول اسپتال ميرپورخاص جي نئين عمارت تيار ٿي وئي آهي، پراڻي اسپتال جي عمارت واري ايمرجنسي وارڊ ۾ ٽوٽل  ٻه بيڊ، جڏهن ته نئين اسپتال ۾ مردن واري سيڪشن ۾ 14 بيڊ آھن ۽ عورتن واري سيڪشن ۾ به 14 بيڊ آھن.

اسپتال جي نئين آپريشن ٿيٽر ۾ پھريون ڀيرو سول اسپتال جي او ٽي ۾ آغا خان اسپتال جھڙي ميشنري آئي آھي، هن اسپتال جي شهر کان ڪجهه وٿي تي منتقل ٿيڻ سان اهو به فائدو ٿيندو ته اتي ٽريفڪ جي پيهه نه هوندي، گڏوگڏ اسپتال منتقل ٿيڻ سان ٺڳ ميڊيڪل اسٽور وارن جي متل ٻيگهي به بند ٿي ويندي.

ميرپورخاص وارن لاءِ هيءَ هڪ لاڀائتي اسپتال ثابت ٿيندي پر صحت کاتي کي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ٿيڻ گهرجي، آبادي جي حساب سان سهولتون ڏيڻ گهرجي ۽ 24 ڪلاڪ سروس فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.