انضمام الحق جي ڌيءَ جي شادي ۾ ڪرڪيٽر پنهنجي زالن سان گڏ پهچي ويا، تصويرون ڏسو

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق کي پاڪستان جي بهترين بيٽرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، هن پاڪستان کي ڪيتريون ئي ميچون کٽرايون ۽ ڪيترائي رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا.

انضمام الحق جا ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ هو انهن سان خاندان جي فردن جهڙو رويو رکندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڌيءَ جي شادي ۾ ڪيترائي اڳوڻا توڙي هاڻوڪا ڪرڪيٽر پنهنجي فيملين سان گڏ پهتا.

اڳوڻي ڪپتان جي ڌيءَ عمائمه جي شادي محسن نالي بزنس مين سان انارڪلي ايوينٽس ڪامپليڪس، لاهور ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪرڪيٽر سان واڳيل شخصيتن به شرڪت ڪئي.

شادي تقريب ۾ هاڻوڪا ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر فيملين سان گڏ شريڪ ٿيا.

تصويرون ڏسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.