ڪوٽ ڏيجي: ڇتن ڪتن ستن ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي

ڪوٽ ڏيجي(ويب ڊيسڪ) ڪوٽ ڏيجي جي علائقي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار جاري،  ست اسڪول ويندڙ ٻارڙن سميت 11 ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو جڏهن ته ٻن ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڪنب شهر جي شاهي بازار ۾ ڇتن ڪتن اسڪول ويندڙ ٻارن تي حملو ڪري وڌو جڏهن ته ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ سان زخمي ٿيڻ وارن ۾ نرگس فاطما، روشنا ڪماري، بابرا فاطما، فيض محمد، ڀلي ڏنو، صدام حسين، امان الله ۽ ٻيا شامل آهن.

سمورن زخمين کي تحصيل هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڪوٽ ڏيجي ۽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هنن کي ويڪسين هنئي وئي جڏهن ته ٻن ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب خيرپور ڊسٽرڪٽ اسپتال نيئو ويو.

شهرين جو چوڻ آهي ته ڪنب ٽائون انتظاميا ڇتن ڪتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ماڻهو ڊپ منجهان گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

شهرين مڪاني کاتي جي وزير سميت ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان نوٽيس وٺي ڇتن ڪتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.