ڪراچي ۾ ڊمپر وڌيڪ هڪ ٻارڙي کان حياتي کسي ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تيز رفتار ڊمپر ننڍڙي ٻار جي حياتي کسي ورتي.

بلديا ناردرن باءِ پاس تي لڪي چڙهائي ٽول پلازا ويجهو ڊمپر هڪ رستي تي هلندڙ ٻار کي چيڀاٽي ڇڏيو، جيڪو ٿڏي تي مارجي ويو.

حادثي جو شڪار ٻارڙي کي سول اسپتال ٽراما سينٽر نيئو ويو، جنهن جي سڃاڻپ 12 ورهين جي قدرت الله پٽ نيڪ محمد جي نالي سان ٿي.

رپورٽ موجب ساڳي نوعيت جو واقعو سرجاڻي بابا موڙ ويجهو پيش آيو، جتي هڪ ڊمپر اسڪول جي شاگرد کي لتاڙي ڇڏيو هو جنهن سبب هو ٻار حياتي وڃائي ويٺو.

حادثي جوشڪار ٻار اسڪول جا شاگرد هئا جڏهن ته زخمي ۽ فوتي ٽئي ڀائر هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.