ڏاهاڻي پنهنجي مستي ۾، آسٽريلوي ناريءَ سان تصوير وائرل

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جيتوڻيڪ تازو آسٽريليا ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان طرفان ايڪشن ۾ نظر نه آيو پر هن پنهنجون موج مستيون جاري رکيون ۽ مختلف شخصيتن سان سندس تصويرون سامهون اينديون رهيون، جيڪي سوشل ميڊيا تي پڻ ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيون.

لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ورلڊ ڪپ کان اڳ به مختلف سيريز ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان گهٽ پر مشهور شخصيتن ۽ مداحن سان نڪتل تصويرن جي ڪري سڀني جو ڌيان ڇڪائيندو رهندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو کيس پاڪستاني ٽيم جو پرڏيهي وزير به چيو ويندو آهي.

شاهنواز ڏاهاڻي جون آسٽريليا ۾ ورلڊ ڪپ دوران ڪيتريون ئي تصويرون وائرل ٿيون، هن جي هڪ تصوير انگلينڊ خلاف فائنل کان اڳ ورلڊ ڪپ ٽرافيءَ سان گڏ پڻ وائرل ٿي هئي، جنهن تي واهپيدارن دلچسپ تبصرا ڪيا هئا.

هاڻ شاهنواز ڏاهاڻي جي هڪ آسٽريلوي ناريءَ سان گڏ تصوير سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن واهپيدارن کي وري خاموشي ٽوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

هڪ واهپيدار ردعمل ۾ لکيو ته ”آگ لگي بستي مين، ڊاهاني اپني مستي مين“، جڏهن ته ٻئي واهپيدار لکيو ”ڏاهاڻي لاڙڪاڻي ۾ رڳو ڀُٽي کي ڏٺو هو“.

واضح رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي پاڪستان سپر ليگ دوران وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ مختلف انداز ۾ ملهائي ويندڙ جشن سبب به سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.