سپريم ڪورٽ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي خلاف ڪيس جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس محمد علي مظهر لکيو آهي، جنهن ۾ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ خلاف وفاقي حڪومت جي درخواست منظور ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي لکيو ته موٽر ويز تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته موٽر وي تي تيز رفتار ٽريفڪ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، شهرين جي حفاظت لاءِ بائيڪس تي پابندي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناهي.

فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته قانون شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ٺاهيا ويندا آهن، حڪومت وٽ احتياطي اپائن تحت مخصوص علائقن ۾ موٽر سائيڪل تي پابندي جو اختيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.