مورت مارچ ۾ بدامني جو خطرو، انتظاميا پاران سيڪورٽي جي اپيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽرانس جينڊر جو ”مورت مارچ“ ۾ بدامني جو خطرو، جنهن تي مارچ جي انتظاميا پاران ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي وڏي سيڪورٽي لاءِ خط لکيو ويو آهي.

ٽرانس جي حقن لاءِ احتجاجي مظاهرو ۽ مارچ 20 نومبر تي فريئر هال ۾ ٿيندو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ ريلي جي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب ايندا.

ٽرانس جينڊر جي ”مورت مارچ“ ۾ هزارن جي انگ ۾ ٽرانس جينڊر، سول سوسائيٽي جي اڳواڻڻ سميت ٻيا ماڻهو شرڪت ڪندا جنهن کي انتهاپسندن کان محفوظ ڪرڻو آهي.

انتظاميا چيو آهي ته هو ٽرانس جيندڙ جي حقن لاءِ منظم آواز اٿاريندا جڏهن ته سڄي دنيا جي نظر هنن جي مارچ تي آهي جنهن کي عالمي ميڊيا جي ڪوريج به ملندي.

ضلعي انتظاميا ۽ پوليس مظاهرو ڪندڙن کي اجازت ڏيندي کين يقين ڏيارو آهي.

پوليس اختيارين موجب احتجاجي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي سيڪورٽي فراهم ڪئي ويندي.

پوليس چيو آهي ته احتجاجي مارچ جي رستي تي بم ڊسپوزل اسڪوائڊ کان سوئپنگ سرچنگ ڪرائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.