پاڪستاني شاگردن جو فلڪياتي تحقيق ۾ وڏو ڪارنامو

سڄي پاڪستان مان فلڪيات جي شوقين شاگردياڻين ۽ شاگردن عالمي پروگرام تحت 14 نوان امڪاني ايسٽرائيڊز دريافت ڪيا آهن جيڪي مريخ ۽ مشتري جي ويجهو گردش ڪري رهيا آهن.

سائنس ۽ فلڪيات ۾ عوامي شموليت تحت هڪ پروگرام آهي جنهن ۾ هر سال ڪيترائي ملڪ شامل ٿيندا آهن، پهريون ڀيرو پاڪستان هن مهم ۾ آل پاڪستان ايسٽرائڊ سرچ ڪيمپين جي نالي سان شامل ٿيو آهي.

ان تحت اهي دريافتيون ٿيون جنهن ۾ پاڪستان جا 40 شاگرد ۽ شاگردياڻيون شامل هيون.

آمريڪي خلائي ايجنسي NASA ۽ فلڪيات جي تحقيقاتي اداري (IASC) هر سال هن شهري سائنس پروگرام کي ڪوٺائين ٿا ته جيئن نوجوان ماڻهن کي فلڪياتي تحقيق ۾ شامل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.