ٻارڙي سان زيادتي بعد قتل واقعو، پوليس چارجوابدار گرفتار ڪيا

قائدآباد ۾ ستن سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل جي واقعي تي پوليس مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪري چار شڪي ماڻهن گرفتار ڪري ڇڏيا آهن.

پوليس موجب حراست ۾ ورتل شڪي ماڻهن تي جاچ جاري آهي، وقعي جو ڪيس به قائد آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ان ڳان اڳ ڪراچي جي علائقي لانڍي مان ڪچري مان ستن ورهين جي ٻارڙي جو لاش مليو جنهن جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ مان زيادتي جون شاهديون مليون، ٻارڙي کي اربع ڏينهن منجهند جو گهر کان ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو.

پوسٽ مارٽم جي رپورٽ موجب ٻارڙي سان زيادتي کانپوءِ تشدد ڪيو ويو، ٻارڙي جي مٿي تي گهرا ڌڪ لڳل هئا.

ٻارڙي جي پيءُ جو چوڻ هو ته ٻارڙي اربع جي منجهند جو غائب ٿي هئي، ٻه ڏينهن تائين پوليس اغوا جو ڪيس داخل نه ڪيو ۽ ٽاريندي رهي، لاش ملڻ جواطلاع به مٽن مائٽن ڏنو.

هن جو چوڻ هو ته پياري ٻارڙي ته دنيا مان رخصت ٿي وئي، پر دعا ڪيون ٿا ته ڪنهن به والدين کي اهو ڏک نه ڏسڻو پئي.

واضح رهي ته جوابدارن ٻارڙي سان زيادتي ڪرڻ بعد تشدد ٿيل لاش ڪچري ۾ اڇلائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.