فيفا ورلڊ ڪپ: اسٽيڊيم جي اندر شراب تي پابندي

فيفا ورلڊ ڪپ جي شروع ٿيڻ کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ قطر حڪومت پاران شراب تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ورلڊ ڪپ جي ميزباني جو واڪ ڏيڻ وقت فيفا ۽ قطر جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ته قطر انتظاميا فٽ بال ميچ جي دوران شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، جڏهن ته ان ٽورنامينٽ جي شروع ٿيڻ کان يارنهن هفتا پهريون فيفا اختيارين ۽ قطر حڪومت جي وچ ۾ ٻيهر ان بابت ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.

فيفا پاران بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فٽ بال جي اٺن اسٽيڊيمز ۾ غير نشي وارا مشروب يعني بنا الڪحل جي شراب جواستعمال ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته شراب، شيمپين ۽ وسڪي سميت ٻيا نشي وارا شربت استعمال ٿي سگهن ٿا جڏهن ته شراب کي لگزري ايرياز ۾ ئي رڳو پيش ڪيو ويندو.

اڪثر فٽ بال فينز جي پهچ ان لگزري ايرياز تائين ناهي جتي هو شراب واپرائي سگهن. قطر ۾ شراب تي سختي سان پابندي آهي.

فيفا ورلڊ ڪپ جي دوران بنا الڪحل جو شراب به ٽورنامنٽ جي انتظام هيٺ علائقن ۾ وڪرو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته انهن علائقن مان ٻاهر، قطر شراب جي خريد ۽ استعمال تي سخت پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، هوٽلن جي بار ۾ ان جي وڪري جي اجازت هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.