اسلاميا ڪاليج عدالتي حڪم تي خالي، شاگردن ۽ پوليس ۾ چڪريون، گرفتاريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اسلاميا ڪاليج جي شاگردن کي نيڪال ڪيو ويو آهي.

سنڌ پوليس سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اسلاميا ڪاليج ڪراچي جي اڏاوت مان شاگردن کي ڪڍي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب عدالتي حڪم تي جڏهن عملي پهچي شاگردن کي ڪڍڻ چاهيو ته شاگردن مزاحمت ڪئي، پوليس مزاحمت ڪندڙ شاگردن تي لاٺي چارج ڪيو جنهن تي شاگردن به پوليس تي پٿراءُ ڪيو.

اسلاميا ڪاليج جي شاگردن پوليس خلاف نعرا هنيا ۽ روڊن تي ٽائر ساڙي ڇڏيا.

پوليس جي وڏي انگ شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪيو ۽ ڪارروائي ڪندي ستن شاگردن کي گرفتار ڪيو.

ايس ايچ او جمشيد ٽائون چيو ته اسلاميا ڪاليج پرائيويٽ پارپرٽي تي قائم آهي، ۽ گذريل چاليهه سالن کان ڪاليج جي اڏاوت جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، هاڻي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي ۽ ڪاليج تي قبضي جو ڪيس کٽڻ وارن ٽرسٽيز جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ڪي اسلاميا ڪاليج ڪمپليڪس جي اڏاوت کي خالي ڪرائڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڪندڙ مريد علي شاهه ٻاويهه سال اڳ عدالت پهتو هو.

درخواست ڪندڙ تعليمي ادارن جي نينلائزيشن پاليسي ختم ڪرڻ تي عدالت ويو هو، ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي نيشنلائيزيشن پاليسي تحت ڪاليج ۽ زمين تحويل ۾ ورتي وئي هئي، نيشنلائيزيشن پاليسي ختم ٿيڻ بعد ڪاليج جي اڏاوت ۽ زمين واپس ڪئي وڃي.

2018 ۾ رينٽ ڪنٽرولر اڏاوت خالي ڪرائڻ جو حڪم ڪيو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ استادن 2019 ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو.

سپريم ڪورٽ رينٽ ڪنٽرولر جو فيصلو برقرار رکيو، ۽ 2019 ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪاليج جي انتظاميا کي قبضو خالي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.

سنڌ حڪومت ان وقت ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي، آڪٽوبر 2022 ۾ سمورا قانوني معاملا ختم ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.