اڻڄاتل ماڻهن امام خميني جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ اڻڄاتل ماڻهن ايراني انقلاب جي باني امام خميني جي پراڻي گهر کي مبينا طور تي باهه ڏئي ڇڏي.

ايراني شهر خمين ۾ موجود امام خميني جي ولادت جي جاءِ کي اڻڄاتل ماڻهن طرفان باهه ڏيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

سوشل ميڊيا موجب امام خميني جي پراڻي گهر کي گذريل شام باهه لڳائي وئي پر خابرو ايجنسي جو چوڻ آهي ته آزاداڻي طور واقعي جي تاريخ جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

هوڏانهن ايراني اڌ سرڪاري خابرو اداري امام خميني جي گهر کي باهه لڳائڻ جي ترديد ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.