هڪ ئي وقت ٻه بولتون واپرائيندڙ همراهه سان ڇا ٿيو !

گهڻي انرجي ڊرنڪس پيئڻ خطرناڪ آهي، ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا ۾ هڪ نوجوان 10 منٽن ۾ 12 انرجي ڊرنڪس پيئندو هو جيڪو هن لاءِ ڏکيو ثابت ٿيو.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ صحت مند ماڻهو انرجي ڊرنڪ پيئي ٿو. ان وڊيو ۾ انرجي ڊرنڪ ان ماڻهو جي دل ۽ چيلهه تي خراب اثر ڇڏي ٿو جنهن کي هڪ ماهر تفصيل سان سمجهائي رهيو آهي.

برطانيا جي رهاڪو 36 سالن جي گيمر کي فوري طور تي اسپتال داخل ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي سندس علاج هلندڙ آهي.

ان کان اڳ به هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روزانو انرجي ڊرنڪس پيئڻ واري ماڻهو جي زبان جو گوشت ڳرڻ لڳو.

رپورٽ موجب هڪ تصوير آن لائن پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته زبان تي نشان موجود هئا ۽ زبان جو مٿيون گوشت ڳرڻ لڳو.

انٽرويو ڏيندي هن ماڻهو چيو ته انرجي ڊرنڪس واپرائڻ سبب زبان خراب ٿيڻ لڳي ۽ چار ڏند به نڪري ويا.

ڪينٽ جي رهائشي 21 ورهين جو شاگرد روزانو انرجي ڊرنڪس واپرائڻ سبب بيمار رهڻ لڳو.

هن اهو به ٻڌايو ته کيس رات جو ننڊ به ناهي ايندي ۽ ان جو ڪارڻ انرجي ڊرنڪس آهي.

واضح رهي ته طبي ماهرن ٻڌايو آهي ته ڪجهه شربتن ۾ 58 ڪلو في ڪين شگر ۽ ڪيميڪلز جي واڌ سميت امينو ايسڊز ۽ ٻيون شيون شامل هونديون آهن جنهن سان زبان خراب ٿيڻ جو خدشو وڌي ويندو آهي ۽ دل جي رفتار به تيز ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.