اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان جي ڌيءَ پهريون ڀيرو منظر تي اچي وئي

 

اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن ۽ سندس فيملي جي ذاتي زندگي بابت گهٽ ڄاڻ ئي سامهون ايندي آهي پر هاڻ ان جي ڌيءَ پهريون ڀيرو عوامي سطح تي منظر تي آئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪن جونگ ان ٻه ڏينهن اڳ جڏهن بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو ته ڌيءَ به ساڻس گڏ هئي.

ڪم جونگ ان جي ذاتي زندگي جي حوالي سان ميڊيا تي تمام گهٽ ڄاڻ آهي پر هڪ اڳوڻي باسڪٽ بال اسٽار ڊينس روڊمين 2013 ۾ برطانوي اخبار دي گارجين کي ٻڌايو هو ته ڪم جونگ ان جي ڌيءَ جو نالو ”جوائي“ آهي.

روڊمين چيو هو ته هنن ڪم جونگ ان جي فيملي سان وقت گذاريو، هو هڪ سٺو پيءُ آهي، سندس ڌيءَ سان ڪچهري ڪئي ۽ گهرواري ري سول سان به ملاقات ٿي.

تصويرون ڏسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.