ڀارتي ٽيم ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل، روهت شرما ٽي ٽوئنٽي ڪپتاني تان هٿ ڌوئيندو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪرڪيٽ جي هر فارميٽ لاءِ الڳ ڪپتان مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ڀارتي ميڊيا موجب بي سي سي آءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ ڀارتي ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب روهت شرما جي جاءِ تي ٽي ٽوئنٽي ٽيم لاءِ نئون مستقل ڪپتان مقرر ڪيو ويندو.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روهت شرما ايندڙ سال ٿيندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ تائين ٽيم جي ڪپتاني ڪري سگهي ٿو.

رپورٽن موجب نئين سليڪشن ڪميٽي ٽيسٽ جي ڪپتان جي حوالي سان فيصلو ڪندي.

واضح رهي ته تازو آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ هٿان بدترين شڪست کانپوءِ گذريل ڏينهن بي سي سي آءِ چيف سليڪٽر چيتن شرما سميت سموري سليڪشن ڪميٽي کي هٽائي ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.