عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو، پاڪستان ۾ مهانگو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ اڄ مهانگو ٿيو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 58 هزار هڪ سئو رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 85 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 35 هزار 545 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر گهٽجڻ سان هڪ هزار 761 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.