ڪراچي: نيب جي هڪ ٻئي سينيئر پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب ڪراچي مان هڪ ٻئي سينيئر پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

 نيب پراسيڪيوٽر آر ڊي ڪلهوڙي پنهنجي استعيفيٰ نيب چيئرمين کي موڪلي آهي.

آر ڊي ڪلهوڙي پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته ذاتي سببن جي بنياد تي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، پراسيڪيوٽر طور وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان.

واضح رهي ته آر ڊي ڪلهوڙو 2010 کان نيب پراسيڪيوشن ۾ فرض انجام ڏئي رهيو هو.

ڪجهه عرصو اڳ به نيب ڪراچي مان ٻن سينيئر پراسيڪيوٽرن استعيفيٰ ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.