عمران خان تي حملي جي جوابدار کان پڇا ڳاڇا شروع، اهم بيان ڏئي ڇڏيائين

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ گرفتار جوابدار نويد کان پڇا ڳاپا شروع ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب جوابدار نويد جي آءِ ٽي کي ٻڌايو آهي ته عمران خان ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو هو، اڪيلي سر ئي مٿس حملي جي رٿابندي ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار نويد اهو به ٻڌايو ته فائرنگ کانپوءِ ڪنٽينر ڀرسان گهٽي ۾ فرار ٿيڻو هو پر پڪڙجي پيس، منهنجو ڪنهن سياسي يا ديني جماعت سان ڪو واسطو ناهي.

ذريعن موجب گرفتار جوابدار پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو ته مون کي ڪنهن به حملو ڪرڻ جو نه چيو، حملو ڪرڻ لاءِ ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندو رهيس، ڪنٽينر جي آڏو پوليس نه هجڻ تي سامهون اچي فائرنگ ڪئي.

واضح رهي ته عمران خان تي حملي جي الزام ۾ گرفتار جوابدار نويد 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي 3 نومبر تي وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.