پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ جي ڳالهين کان پاسو ڪيو وڃي، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي: اسحاق ڊار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پاڪستان ادائيگين ۾ اڄ تائين ڪڏهن نه ڊيفالٽ ڪيو ۽ نه اڳتي ڪندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان وقت تي سڪوڪ بانڊ جي ادائيگي ڪندو ۽ ايندڙ ادائيگين لاءِ به انتظام ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ يورو بانڊ جي وقت تي ادائيگي ڪندو، پاڪستان ڪڏهن ادائيگي ۾ ڊيفالٽ نه ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي رسڪ فيڪٽر بابت بي بنياد ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ضرورت موجب ٻارڻ جا ذخيرا موجود آهن، تنهن ڪري پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي ڳالهين کان پاسو ڪيو وڃي.

اسحاق ڊار چيو عالمي ادارا به پڇندا آهن ته اهي افواهه درست آهن يا نه، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري بابت افواهه پکيڙيا پيا وڃن، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي سٺي طريقي سان مينيج ڪيو پيو وڃي ۽ الله جي فضل سان سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته معيشت جي حوالي سان بي بنياد افواهن تي عوام ڌيان نه ڏئي، ناڪاري ڳالهين سان معاهدن تي به اثر پوندو آهي، انهن جي پويان سياسي مقصد ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.