عمران جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي ويو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان جي تقرير سان مون کي يقين ٿي ويو آهي ته عمران خان کي ڪا به گولي ناهي لڳي، هن کي رڳو غم لڳو پيو آهي ته هن جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي ويو آهي، هن چيو ته عمران هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي سازش جي بيانئي تي يوٽرن ورتو، اڄ ايبسلولوٽلي ناٽ چوندڙ چوي ٿو ته اها ڳالهه ختم ٿي وئي آهي، عمران خان صاحب!توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته حقيقي آزادي جو گوڙ اهو ڪري رهيو آهي جنهن گهڙي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪئي، عمران توشاخانه جي گهڙي خريدڻ کان بغير وڪرو ڪئي، اسان جي گهڙي اسان کي وقت ٻڌائيندي آهي عمران جي گهڙي هن جي اوقات ٻڌائيندي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.