ڏيپلو ويجهو ضمانت ڪرائي ڳوٺ ويندڙن تي حملو، 3 ڄڻا زخمي

ڏيپلو (ن ع آ) ڏيپلو جي ڳوٺ ڀونريائي جا رهواسي الهرکيو کاکڻ، امام بخش کاکڻ ۽ عبدالحفيظ پسايو مٺي جي عدالت مان ضمانت ڪرائڻ بعد ڏيپلو ٿاڻي تي ڪورٽ مان ٿيل ضمانت جا ڪاغذ جمع ڪرائي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ڳوٺ کوروڙو وٽ مخالفن حملو ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين جي دانهن ڪرڻ تي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن تي پوليس پهچي زخمين کي ڏيپلو ٿاڻي تي کڻي آئي. زخمين جو چوڻ هو ته اسان منظور ٿيل ضمانت جا ڪاغذ ڏيپلو ٿاڻي تي جمع ڪرائي ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته مخالفن هر هڪ ماستر غلام مهر، الهبخس عرف حڪيم کاکڻ، اڪبر کاکڻ، شفيع محمد مهر، موليڏنو مهر ۽ ٻين ڳوٺ کوروڙو وٽ اسان تي حملو ڪري ڏنو. مخالفن لٺيون هڻي اسان کي زخمي ڪري ڇڏيو.ھنن چيو ته مخالف بااثر آهن، هنن پهرين به ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن جي ضمانت ڪرائي، ٻيهر ٻڪريون چوري ڪرڻ جو الزام هڻي حملو ڪري زخمي ڪيو. هنن چيو ته مخالف ڌر مان جان جو خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.