سيوهڻ حادثي جا فوتي مٽي ماءُ حوالي،خيرپور ۾20 مڙهه هڪ ئي وقت کڄڻ تي ماتم

خيرپور/سيوهڻ (ڊ ر+ن ع آ) سيوهڻ ويجهو لونءَ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت فوت ٿيل 20 ڄڻن جا مڙهه خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو پهچايا ويا،  هڪ ئي وقت 20 مڙهه پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو، حڪموت نوٽيس ورتو، اين اڇ اي جي عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،  هوڏانهن دائود ڳوٺ ۾ سيوهڻ حادثي جي 20 فوتين جي جنازي نماز  ادا ڪئي وئي،جنازي نماز ۾ ڊي سي، ايس ايس پي خيرپور، جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هڪ ئي وقت 20 مڙهه کڄڻ تي ڪُهرام مچي ويو جڏهن ته سڏڪن ۽ آلين سان فوتين کي لال گھنڃو قبرستان ۾ دفنايو ويو.20 فوتين جو تڏو ڳوٺ دائود ڦلپوٽو ۾ هڪ ئي جڳهھ تي وڇايو ويو آهي، جتي تعزيت جو سلسلو جاري آهي. گذريل رات  ڦلپوٽا برادري جا ماڻهو سکان کڻي قلندر جي درگاهه وڃي رهيا هئا ته سيوهڻ ويجهو وين انڊس هاءِ وي تي لڳل ڪٽ وٽان ڪلٽيون کائي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي،ٻارن ۽ عورتن سميت 20 ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيا ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.حادثي جي فوتين ۾ نئين پرڻيل ڪنوار ثنا، الهڏنو پٽ شاهنواز ڦلپوٽو، عثمان پٽ غلام شبير ڦلپوٽو، محبوب پٽ غلام عباس، جمن خاتون زال غلام عباس، ليلا زال غلام نبي، شاهدا زال شاهنواز، شهزادو پٽ غلام عباس، سونهن ڌيءُ غلام عباس، شاهنواز پٽ غلام عباس، مديحه ڌيءُ غلام عباس، الهڏني ڌيءُ غلام رضا، بينظير زال شاهنواز، ڀنڀل خاتون زال غلام حيدر، نجما ڌيءُ الطاف، محموده، سندس ڀيڻ  هير ڌيءُ غلام شبير، دلشاد، سندس ڀيڻ  ڪلثوم ڌيءُ الطاف حسين ۽ سڌير زال غلام حيدر شامل آهن.هوڏانهن  حادثي جو ڪيس لاڳاپيل ادارن خلاف سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن ڪيس ۾ ادارن جي غفلت پڻ ظاهر ڪئي وئي جڏهن ته سيوھڻ ٿاڻي جي اي ايس آءِ  اظھر جوکيو جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ ڪنهن اداري جو نالو شامل نه ڪيو ويو آھي ۽ داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾  قلم 320-322-279-427-337  پي پي سي تحت داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو ته ظاھري طور ھي حادثو تيز رفتاري ۽ گاڏي ۾ وڌيڪ ماڻهو کڻڻ سبب پيش آيو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي سيوھڻ پھچي حادثي واري ھنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد ميڊيا آڏو ڳالھائيندي چيو ته ھن افسوسناڪ واقعي ۾ انساني غفلت ضرور شامل آهي، ڇو ته اسپيڊ سان گڏ 18 کان وڌيڪ ماڻهو وين ۾ کنيا ويا ۽ ھن ڪٽ جي باري ۾ روٽ جي ڊرائيورن کي خبر آھي ته ٻوڏ سبب روڊ ڪٿي خراب ۽ ڪھڙي جڳھه صحيح آھي جڏھن ته  وين جي ڊرائيور کي خبر نه ھئي، ان ڪري ھي افسوسناڪ واقعو پيش آيو ۽ ان سانحي جو ڪارڻ اھو به آھي ته لاڳاپيل ادارن پاران مسافر گاڏين جو رستو ڪٽ واري ھنڌ کان پري نه رکڻ ڪري پڻ حادثي  جو سبب بنيا آهن. ھن چيو ته حادثي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۽ جاچ ڪرڻ ۾ وڌيڪ حقيتون سامهون اچي وينديون جڏهن ته اسان ڏنل ڪٽ واري ھنڌ کان ٽرئفڪ گذر لاءِ اين ايڇ اي سان ملي ڪري ڪٽ کان 50 فٽ پري ڊائوريشن لاءِڪيو ويندو ته جيئن وڌيڪ حادثن کي روڪي سگهجي.

  • صدر ۽ وزيراعظم پاران سيوهڻ حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيوهڻ شريف جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هوڏانهن  وزيراعظم شهباز شريف سيوهڻ شريف جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پاران حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

  • آصف زرداري پاران فوتين جي وارثن جي مدد جي هدايت

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سيوهڻ ويجهو ٽريفڪ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏوکويل آهيان ۽ ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ آئون ذاتي طور تي ۽ پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ آهي، هن سنڌ حڪومت کي هدايتون ڏنيون آهن ته حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، حڪومت زخمين جي زندگين کي بچائڻ لاءِ هر قسم جا قدم کڻي. آصف علي زرداري حادثي ۾ فوت ٿيلن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله فوت ٿيلن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي

  • ماڻهو مدد بدران وڊيو ٺاهيندا رهيا:سيوهڻ حادثي ۾14 مسافرن جي حياتي بچائيندڙ پوليس اهلڪار

سيوهڻ (ن ع آ) سيوهڻ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي وين حادثي ۾14 ماڻهن  جي حياتي بچائيندڙ پوليس اهلڪار مبين ملاح چيو آهي ته حادثي بعد وين مسافرن کي بچائڻ ۽ مدد ڪرڻ بدران  وڊيو ٺاهي رهيا هئا، هو اهڙي عمل کي  انسانيت نه پر تماشو سمجهي ٿو.پوليس اهلڪار مبين ملاح موجب خيرپور ميرس کان سکان کڻي درکاهه قلندر ويندڙ  وين  ڪٽ واري هنڌ تي ڪلٽيون کائي پاڻي سان کڏ ۾ ڪري پئي، وين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ مون پاڻي ۾ ٽپو ڏنو ۽ رڙيون ڪندي سڀني کي مدد لاءِ چيو پر روڊ تان گذرندڙ ماڻهو  ڦاٿل مسافرن  کي ڪڍڻ ۽ سندن حياتي بچائڻ بدران  وڊيو ٺاهيندا رهيا، جنهن تي هميشه افسوس رهندو.

  • سنڌ جا روڊ غيرمحفوظ،سرڪار رڳو ٽول وٺڻ ۾ پوري آهي: صنعان قريشي

خيرپور ميرس(پ ر ) سيوهڻ ۾ ٻوڏ دوران روڊ ۾ لڳل ڪٽ ۾ وين ڪلٽي ٿيڻ سبب خير پور ميرس جي ڦلپوٽا برادري ماڻهن جي وفات تي  ڳوٺ دائود ڦلپوٽو ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر ،مومن سمون ،ڏاڏو اطهر سومرو،اشرف ڪلھوڙو، شبير شر، سجاد شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ان ڀيانڪ واقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا روڊ غير محفوظ بڻيل آهن، سرڪار رڳو ٽول ٽيڪس وٺڻ ۾ پوري آهي، نوري آباد جي دردناڪ واقعي کانپوءِ سيوهڻ جو واقعو ڀيانڪ آهي اهڙي قسم جي واقعن جي ذميوار سنڌ سرڪار ۽ روڊ اٿارٽي عملو آهي، هن چيو ته سنڌ وفاق کي 75 سيڪڙو آمدني جو ڏئي ٿي پر سنڌ کي معياري روڊ به نه ملي سگهيا آهن، سموري سنڌ جا روڊ تباھ ۽ برباد لڳا پيا آهن، وفاق ۽ سنڌ سرڪار سنڌ جي روڊن کي رڳو کي ٽول ٽيڪس ۽ موٽر وي پوليس ذريعي ڪمائي ۽ ڦر لٽ جو ذريعو سمجهي ٿي، سنڌ جي روڊن تي مسافرن لاءِ ڪا  به سروس ناهي مهيا ڪيل ناهي،هن چيو ته سيوهڻ واقعي ۾ فوت ٿيل معصوم ٻارڙن، مردن ۽ عورتن جو ڪيس سنڌ سرڪار، ڄامشورو انڊس هاءِ وي اٿارٽي ۽ روڊن جي مرمت جا پيسا هڙپ ڪندڙ ضلعي ڄامشورو جي انتظاميا مٿان داخل ڪيو وڃي.

  • سيوهڻ حادثو: اين ايڇ اي ۽ موٽروي جا 6 آفيسر معطل

اسلام آباد(م ڊ) سيوهڻ حادثي تي وفاقي وزير مواصلات اسعد محمود جي هدايت تي ٻه رڪني جاچ ڪميٽي بڻائي وئي هئي جنهن کانپوءِ 6 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو، جاچ ٽيم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چار ۽ موٽروي پوليس جي ٻن آفيسرن کي غفلت جو ذميوار قرار ڏنو، سمورن معطل آفيسرن خلاف کاتي وار ڪارروائي جي به هدايت ڪئي وئي آهي، معطل آفيسرن ۾ ڊائريڪٽر اين ايڇ اي سائوٿ عبدالقدوس شيخ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار شيخ سامل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.