نئين آرمي چيف تي اتحادين ۾ اتفاق، سمري تيار، 48 ڪلاڪن ۾ اعلان!

اسلام آباد (عوامي  آواز نيوز)  نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جي سمري تيار ٿي وئي آهي. جيڪا اڄ  وزيراعظم سيڪريٽريٽ  پهچندي  ۽ نئين آرمي چيف جو اعلان سومر تائين ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي موجودگيءَ ۾ سمورن اتحادين ۾نئين آرمي چيف جي مقرريءَ تي صلاح مشورا  مڪمل ٿي ويا آهن. وزيراعظم شهباز شريف ڪورونا سبب منظر تان غائب رهيو ۽ سندس غير موجودگيءَ ۾ سندس ذميواريون ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ادا ڪري رهيو آهي. اسحاق ڊار جمعي جي رات دير تائين مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ۽ ٻين اتحادين  جي رهائشگاهه جا چڪر ڪاٽيندو رهيو. جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسٽيبلشمينٽ سان مسلسل رابطي ۾رهيو جنهن کانپوءِ جمعي ڏينهن اسحاق ڊار ايوان صدر پهچي ويو. جنهن صدر عارف علوي کي انتهائي اهم ۽ سخت پيغام پهچايو ته نئين آرمي چيف جي سمري هڪ لمحي لاءِ به نه روڪڻي آهي. ذريعن موجب اهڙو ئي سخت پيغام صدر عارف علوي ذريعي عمران خان کي به اماڻيو ويو جنهن تي صدر عارف علوي چيو ته هو پنهنجون آئيني ذميواريون خوش اصلوبيءَ  سان ادا ڪندو ۽ ڪنهن به قسم جي ان اهم مقرريءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪندو. ذريعن موجب عمران خان به پيغام ملڻ بعد فواد چوڌريءَ  ذريعي بيان ڏياريو ته صدر عارف علوي آئيني  ذميواريون ادا ڪندو ۽ عمران خان جي کيس مڪمل پٺڀرائي حاصل هوندي. نامياري صحافي رضوان رضي ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته اسحاق  ڊار جي ڀڄ ڊڪ دوران عمران خان کي واپسيءَ جو عزت ڀريو موقعو ڏيڻ جي به ڪٿان راءِ آئي پر  آصف علي زرداري ان کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو . نامياري صحافڻ عاصمه شيرازي ذريعن جو حوالي سان ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ملاقات دوران اسحاق ڊار کي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته  آرمي چيف مقرر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي. پ پ ان حوالي سان ڪوبه  نالو تجويز نه ڪندي نه ئي اسان جو ڪو اميدوار  آهي. جيڪو به آرمي چيف ايندو  ان کي ڀليڪار چونداسين، باخبر صحافين جو چوڻ آهي ته نئون آرمي چيف  سينيارٽي بنياد تي ئي مقرر ٿيندو، نامياري صحافي اعزاز سيد موجب  صدر علوي سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ اعظم سواتي به ملاقات ڪئي آهي ۽ صدر علوي ان ملاقات  ۾اعظم سواتي کي به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو حساس اداري جي آفيسر تي الزام هڻڻ کان پاسو ڪري جڏهن ته آرمي چيف جي مقريءَ ۾ ايندڙ  سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن. جڏهن ته جنرل وسيم اشرف رٽائر ٿي ويو آهي ان ڪري سينيارٽي فهرست ۾ ڪجهه تبديلي آئي آهي پر جنرل عاصم منير جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي. ان ڪري آرمي چيف جي مقرريءَ جي راند  سومر تائين جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.