آرمي چيف مقرري تي تبصرا بند ٿيڻ گهرجن: چوڌري شجاعت

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي تبصرا بند ٿيڻ گهرجن، سعودي عرب کان واپسي تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري سياسي مونجهاري کان مٿانهين رهڻ گهرجي، هن چيو ته آئين ۽ قانون مقرري جا جيڪي معيار قائم ڪيا انهن کي فالو ڪرڻ گهرجي،سياستدانن کي بيان بازي ذريعي معاملي کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته سياست ضبط ۽ تحمل جو نالو آهي، ڇڪتاڻ جو ناهي جيڪو جنهن جو ڪم آهي اهو ذميواري ادا ڪري، تبصرن مان ائين لڳي ٿو ته هر ڪو بندوق هلائڻ جي مهارت جو خواهشمند آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.