گمبٽ ۾ بئنڪ آفيسر روهڙي ڪئنال ۾ مبينا ٽپو ڏئي ڇڏيو

خيرپور (س ر) گمبٽ ۾ زرعي ترقياتي  بئنڪ  سکر برانچ جي موبائل ڪريڊٽ آفيسر  عبدالقدوس شيخ  روهڙي ڪئنال ۾ مبينا ٽپو ڏئي  ڇڏيو. روهڙي ڪئنال سامهون هوٽل تي ڪم ڪندڙن جي اطلاع تي انتظاميا ٽوٻا گھرائي ڳولا ڪئي وئي جڏهن ته وارثن روهڙي  ڪئنال  جي ڪپ  تي ڪئمپ  قائم ڪري  مختلف  هنڌن  تي ماڻهو ويهاري  ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ نوجوان  جي وارثن  ٻڌايو ته عبدالقدوس زرعي ترقياتي بئنڪ  سکر برانچ  ۾ ايم سي او هو،. هن گمبٽ جي واپاري چيتن ڪمار  کي  هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم قرض طور ڏني، جيڪو هاڻي گم  ٿي ويو آهي. ٻئي طرف مختيارڪار  گمبٽ صلاح  الدين گهمرو ٻڌايو ته روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو يندڙ نوجوان عبدالقدوس شيخ  جي ڳولا لاءِ  مقامي ٽوٻا گھرايا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.