پي ٽي آءِ جي بي اعتمادي جي ڌمڪي، سينيٽ چيئرمين جو استعيفيٰ کان انڪار

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي تي استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ وجهي بي اعتمادي رٿ جي ڌمڪي ڏني آهي. پي ٽي آءِ سينيٽرن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات ڪري استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. صادق سنجراڻي جي انڪار تي انهن بي اعتمادي رٿ جي ڌمڪي ڏني. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين  صادق سنجراڻي چيو ته ڀلي بي اعتمادي رٿ آڻيو، ان جو مقابلو ڪندس. 03

  • نه عمران سان مسئلا حل ٿيا نه پي ڊي ايم حل ڪيا: وسيم اختر

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم چاهي ٿي پنهنجي ڊگهي جدوجهد عوام سامهون رکي، متحده ڪراچي جي مسئلن سبب پارٽين سان گڏ ٿي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اختر چيو ته 4 سالن ۾ عمران خان ڪيتريون کي ميٽنگز ٿيون پر ڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو، پوءِ اسان پي ڊي ايم سان معاهدو ڪيو، پوءِ به مسئلو حل نه ٿيو. هن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم  جي ميئر شپ هئي ته اختيار نه هئا، اسان سپريم ڪورٽ وياسين، جنهن جو فيصلو گلزار صاحب ڏنو، سپريم ڪورٽ چيو ته مڪاني نظام مضبوط هجڻ گهرجي. سندس موجب انهن ئي نڪتن تي پ پ سان گفتگو ڪئي هئي، پ پ کي به اسان معاهدي کانپوءِ 140 اي جي مضبوطي جو چيو، آصف زرداري ۽ بلاول انهن مطالبن کي جائز مڃيو. وسيم اختر چيو ته اسان اختيارن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هڪ جنگ سياسي جماعتن سان ۽ ٻي عدالت ۾ وڙهي رهيا آهيون.03

  • گورنر ۽ مرتضيٰ وهاب طرفان ڪراچي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ شهر جي تعمير، ترقي جي قدمن، صحت، صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي، برسات متاثر انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي اسان سمورن جي آهي. ھن چيو ته گڏيل قدمن سان ڪراچي شھر کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائي سگهون ٿا. ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي ۾ ڪنهن به سرگرمي سان ملڪ جي معيشت متاثر ٿيندي آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته برساتن سبب متاثر روڊن جي مرمت ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته ان کان سواءِ شهر ۾ صحت ۽ صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين.

  • سعودي عرب ۽ چين کان قرضن جي تجديد ٿي وئي: عائشه غوث پاشا

اسلام آباد(اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا چيو آهي ته سعودي عرب ۽ چين کان قرضن جي تجديد ٿي وئي آهي، ٻوڏ کانپوءِ رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال ۽ رليف لاءِ اڃان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون،هن چيو ته شريعت ڪورٽ جي حوالي سان پڻ ڪجهه روڊ ميپ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اسان طريقو ڪڍي رهيا آهيون ته فنانشل اسٽريڪچر ۾ ڪنهن قسم جي رڪاوٽ نه ٿئي، مالياتي نظام کي رڪاوٽ کانسواءِ اڳتي وڌايو پيو وڃي

  • ايشيا کنڊ وڏين طاقتن جي مقابلي لاءِ ملاکڙي جو ميدان نه بڻايو وڃي: چيني صدر

بينڪاڪ(م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ايشيا کنڊ ڪنهن جي گهر جو اڱڻ ناهي ، هن چيو ته ان کي وڏين طاقتن جي مقابلي لاءِ ملاکڙي جو ميدان نه بڻايو وڃي، هن چيو ته ڪنهن به قسم جي سرد جنگ جي سوچ کي رد ڪيو وڃي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق اهڙو اظهار هن اپيڪ اجلاس جي موقعي تي ٿيل هڪ ڪاروباري تقريب کي خطاب ۾ ڪرڻو هو جڏهن ته ڪجهه ملاقاتن سبب هو ان تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو ۽ سندس خطاب کي منتظمين طرفان لکت واري شڪل ۾ جاري ڪيو ويو. چين جي صدر چيو ته اسان کي ڪشادي ۽ جامع راهه اختيار ڪرڻ گهرجي. هڪ طرفي نظام کي رد ڪرڻ گهرجي، معاشي ۽ واپاري ناتن ۾ هٿيارن ۽ سياست کي به ردڪرڻ گهرجي .

  • فيصلي تي مايوسي ٿي، سنڌ ۾ جمهوريت سان مذاق ڪيو پيو وڃي

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ  چيو آهي تھ چئن هفتن جي تاريخ ڏيڻ جي اُميد نه هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مايوسي ٿي، سنڌ ۾ جمهوريت سان مذاق ڪيو پيو وڃي.فردوس شميم نقوي ۽ خرم شير زمان سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته اميد ڪريون ٿا ته 22 نومبر تي اليڪشن ڪميشن وارو فيصلو هن فيصلي جي کوٽ کي پورو ڪندو.پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مڪاني چونڊ ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿي، پوليس کي ٻوڏ متاثرن لاءِ اماڻيو ويو آهي، پر متاثر اڄ به دربدر آهن.جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته فيصلي ۾ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي .جڏهن ته هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي پوليس ڏيڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.