ايران ۾ احتجاج  جاري ، آيت الله خميني جي اباڻي گهر کي باهه

تهران (م ڊ ) ايران ۾ مظاهرو ڪندڙن  انقلاب جي باني آيت الله خميني جي اباڻي گهر کي باهه لڳائي  ڇڏي آهي عرب نيوز موجب سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مظاهرو ڪندڙ آيت الله خميني جي گهر کي باهه هڻي رهيا آهن . ايرن جي حڪومت انقلاب ايران جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ  اباڻي گهر کي ميوزم بڻائي ڇڏيو هيو . ان جي ڳواڻي ۾ 1979 ۾ انقلاب آيو هيو ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاج  ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي ويو آهي هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ 22سالن جو ايراني ڪرد عورت ڪهسا اميني جي مري وڃڻ کان پوءِ احتجاج شروع ٿيو هيو جيڪو سڄي دنيا ۾ پکيڙجي چڪو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.