مصطفيٰ نواز جي استعيفيٰ بعد سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ شيڊول جاري

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن مصطفيٰ نواز کوکر  جي استعيفيٰ بعد سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ طرفان جاري ڪيل بيان موجب اميدوارن صوبائي اليڪشن ڪمشنر آفيس ڪراچي ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا. اميدوارن جي فھرست 23 نومبر تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جي آخري تاريخ 25 نومبر آهي. رٽرننگ آفيسر طرفان نامينيشن پيپرز رد ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي، اپيلن جي فيصلن جي آخري تاريخ پهرين ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي، ٽريبونل جي فيصلن جي روشني ۾ اميدوارن جي نظرثاني 2 ڊسمبر تي ڏيکاري ويندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 3 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي. سينيٽ ۾ 8 ڊسمبر تي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين چونڊ ٿيندي.ترجمان موجب  اليڪشن ڪميشن جي ايڪٽ 2017ع جي دفعه 105 ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آرٽيڪل 224 جي شق (3) تحت سينيٽ جي چونڊ لاءِ سنڌ جي لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر شهيد بينظير آباد نديم حيدر، ريجنل اليڪشن ڪمشنر ڪراچي نذر عباس، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ شاهنواز بروهي کي پولنگ آفيسر  مقرر ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.