سنڌ ۾ ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا پابندي چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پرائيويٽ نرسنگ انسٽيٽيوشن ۾سنڌ کان علاوه ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي داخلا ڏيڻ جي پابندي خلاف آل پاڪستان نرسنگ ايسوسيئيشن جي فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست منظور ڪري ڌرين کي 5 ڊسمبر تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته قانوني طور تي ملڪ جو شهري ڪهڙي صوبي ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو.درخواست گذار جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ آهي، ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت پنجاب کان ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي گهرايو،.ٻين صوبن جي دوميسائل رکندڙن شاگردن کي داخلائون  ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.