اڱاري يا اربعا تي نئين آرمي چيف جو نالو سامهون اچي ويندو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪو به نالو هوندو ان ۾ آرمي قيادت ۽ وزيراعظم وچ ۾ مڪمل اتفاق هوندو، اختيار وزيراعظم جو آهي پر اهو اداري جو معاملو آهي، ان سان مشاورت ڪئي ويندي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جيڪي نالا سمري ۾ ايندا انهن مان هڪ نالي تي اتفاق راءِ ٿيندو، وزيراعظم صدر کي سمري موڪليندو، ان ۾ ڪو به اختلاف ناهي، جنرل راحيل، جنرل باجوا جي مقرري وقت به ڪي اختلاف نه هئا، اسحاق ڊار جون صدر عارف علوي سان آرمي چيف مقرري تي نه معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، ڊار ان تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان آرمي جي  جنرلن تي سنگين الزام هڻي رهيو آهي، اتحادين کي آن بورڊ ڪيو ويو آهي، سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، آرمي چيف جي مقرري جو عمل سومر کان شروع ٿي ويندو، 29 نومبر تي تقريب ٿيندي، 5 سينئر جنرلن مان ئي ڪو هڪ آرمي چيف مقرر ٿيندو ٻيو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ٿيندو،اڱاري يا اربعا تي نئين چيف جو نالو سامهون اچي ويندو، مقرري جي حوالي سان ڪو به اختلاف ناهي، اتحادين ۾ اختلاف عمران خان جي خواهش ٿي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ ائين ناهي، آرمي ايڪٽ جو مقرري سان ڪو به تعلق ناهي، قانونسازي بابت سپريم ڪورٽ جي جيڪا گهرج آهي اها اسان پوري ڪنداسين، آرمي چيف مقرري سان عمران خان جي مارچ واري ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي، مقرري ۾ ڪو به ابهام ناهي، عمران خان هڪ مقرري تي اداري سان جهيڙو ڪري ڇڏيو، گذريل سان آڪٽوبر ۾ آءِ ايس آءِ سربراهه جي مقرري تي ڦڏو وڌو هن جي ذهن ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ اهم مقرري هئي،سموري پراسيس کي تڪراري بڻائڻ جو ذميوار عمران خان آهي،  هن چيو ته سسٽم ۾ فوج جي اهميت کي نظرانداز نٿا ڪري سگهو، مان فوجي حڪومتن ۾ سختيون ڀوڳيون آهن، اسان هڪ فوجي آمر جي حمايت ڪئي جنهن تي پارليامينٽ ۾ معافي وٺي چڪو آهيان،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.