آرمي چيف مقرري ۾ پرڏيهي وزير جو ڪو به ڪردار ناهي: بلاول

اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي تازي يوٽرن جي اسان آجيان ڪريون ٿا، نه ڪالهه ڪا آمريڪي سازش هئي نه اڄ آهي،جيڪڏهن عمرن خان پاڻ چيو آهي ته هن آمريڪي سازش واري بيان کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ته هاڻي اسان کي به ان بيان کي ڇڏڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان پهرين به چيو هو ته ڪجهه يوٽرن سٺا هوندا آهن، آرمي چيف جي مقرري ۾ پرڏيهي وزير جو ڪو به ڪردار ناهي، هن چيو ته پاڙيسري ملڪن سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، دهشتگردي، معاشي، سياسي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي چيني قيادت سان ڳالهيون ٿيون، پنج مهينن کان اسان جي پرڏيهي پاليسي جا هاڪاري اثر سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان سمورن ملڪن سان ٻه طرفن لاڳاپن تي يقين رکي ٿو، هن چيو ته ماضي ۾ ڊو مور ڊو مور ۽ دهشتگردي جو سلسلو هو، هاڻي نئون مرحلو آهي، پاڪستان آمريڪا سان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار تي ڳالهه ڪئي، پهرين به چيو هو ته اسان ايڊ نه ٽريڊ گهرون ٿا، هن چيو ته سنڌ ۽بلوچستان جي ڪجه ضلعن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ اسان جي پهرين ترجيح نه هئڻ افسوسناڪ آهي، ٻوڏ سبب زراعت ۽ تعليمي نظام سخت متاثر ٿيو، جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي مسئلن کي سنجيده نه وٺنداسين ته دنيا به نه وٺندي، هن چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، گري لسٽ مان نڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هڪ سال اندر پاڪستان م دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي ته رياست کي به دهشتگردي خلاف هڪ سال جي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، هن چيو ته جيستائين ڀارت سان سفارتي لاڳاپن جي ڳالهه آهي ته ٻين ڳنڀير مسئلن کي به ڏسڻو پوندو جيئن ته بلوچستان ۾ هٿياربند گروپن سان ان جا لاڳاپا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.