عمران جي اسٽيبلشمينٽ مخالف پاليسي دفن

اسلام آباد (انصار عباسي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ انڪشاف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت اعليٰ  سطحي صلاح  مشورن ۽ غور ويچار کانپوءِ  فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو به آرمي چيف مقرر ٿيندو ان کي قبول ڪيو ويندو. عمران خان جي صدرارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اسٽيبلشمينٽ مخالف پاليسي دفن ڪري نئين اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نامياري صحافي موجب اهڙن فيصلن بابت پي ٽي آءِ ِجي انتهائي سينيئر اڳواڻ فون ڪري ڄاڻ ڏني آهي، اڳواڻ  جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي سمري روڪڻ سميت ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وجهندو. ياد رهي ته اهي ڳالهيون عام هيون ته آرمي چيف جي مقرري جي سمري صدر عارف علوي ڪجهه وقت  روڪي ڇڏيندو. سينيئر اڳواڻ ان ڪري وضاحت ڪئي. سينيئر صحافي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ  جا ڄاڻايل فيصلا ملڪي معيشت  ۽ سياسي غير يقيني جي خاتمي لاءِ  انتهائي اهم ثابت ٿيندا ڇو ته ادارن سان ٽڪراءَ واري سياست نه صرف ملڪي معيشت پر خود پي ٽي آءِ لاءِ به ها ڃيڪار ثابت ٿي رهي هئي. سياسي مسئلا سياسي طريقي سان ئي حل ٿيڻ گهرجن.

  •  عمران کي سينيٽ چيئرين جو استعيفا ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد (عاصمه شيرازي) پي ٽي آءِ جي هڪ وفد سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي عمران خان جو پيغام پهچايو آهي  ته اوهان تي  اعظم سواتي جي وڊيو سبب پارٽي چيئرمين ناراض آهي ۽ هن گهر ڪئي آهي ته اوهان چيئرمين شپ تان استعيفا ڏئي ڇڏيو. ڇو ته اوهان پي ٽي آءِ جا اميدوار هئا. نامياري صحافي موجب صادق سنجراڻي کليل لفظن ۾ انڪار ڪندي چيو ته اوهان  جي مرضي جيڪو ڪجهه وڃي ڪيو استعيفا ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيندس، صادق سنجراڻي کي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي به وفد ڌمڪي ڏني پر سينيٽ چيئرمين استعيفا ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

  • عمران جي توپن جو رخ اسٽيبلشمينٽ تان هٽي ويو

اسلام آباد(سيد طلعت حسين) اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ سردجنگ جاري آهي پر ان ۾ ڪجهه رولز آف گيم به طئي ٿيندي نظر پيا اچن، هاڻي عمران خان سردجنگ جي قانونن جي تعبيداري ڪندي نظرايندو،عمران خان آمريڪي سازش واري بيانئي تان هٿ کڻي چڪو آهي آمريڪي نمائندن سان ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ سربراهه فوج خلاف بيانئي تان به پٺتي هٽندي نظر پيو اچي، عمران خان جي سوشل ميڊيا ٽيم ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ٽولز وسيلي ٽرينڊ هلائي ٿي،عمران خان جو نئون نشانو هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف سياسي جماعتون ۽ ميڊيا ٿي ويو آهي، ڇو ته هن جي توپن جو رخ اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا تان هٽيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.